| بدين ضلعي ۾ پاڻي چورن خلاف آپريشن جو حڪم، رعايت نه ٿيندي، پڇڙي تائين فراهمي ڏبي: سيڊا چيئرمين |
بدين (رپورٽر) بدين ضلعي جي پڇڙي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف عوامي احتجاجن بعد سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ بدين ۾ پاڻي کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي پاڻي چورن خلاف آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اھڙو حڪم ھن ٽنڊو محمد خان، ماتلي ۽ بدين جي پڇڙي جي علائقن جي دوري دوران آبادگارن سان گڏجاڻين بعد ڏنو سيڊا چيئرمين ڦليلي ڪينال جي 30ھين ميل، اما واھ ڪراس ريگيوليٽر، علي پور ڪراس ريگيوليٽر، 70 ميل، ٽي پي ايڪس ريگيوليٽر تي پھچي پاڻي کوٽ جي صورتحال جو جائزو ورتو، ان موقعي تي سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ آبادگارن جي موجودگي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ارسا ھن سال سنڌ کي گھرج موجب پاڻي نه ڏنو جنھن سبب سارين جي پوکائي دير سان ٿي رھي آھي. ھن چيو ته نظام ۾ پاڻي گھٽ آھي جڏھن ته گھرج وڌيڪ آھي. آبپاشي کاتي جا انجنيئر ۽ سندن عملو ڪوششون ڪري پاڻي پڇڙين تائين پھچائي رھيا آھن پر ڪجهھ بااثر ماڻھن طرفان موڳا ٽوڙي توڙي پائيپ ھڻي لفٽ مشينون لڳائي پاڻي چوري ڪري رھيا آھن جن کي روڪڻ لاء آپريشن جو سخت حڪم ڏنو آھي. ھن چيو ته پاڻي چوري جي معاملي ۾ ڪنھن سان به رعايت نه ڪئي ويندي سيڊا چيئرمين وڌيڪ چيو ته ارسا طرفان وقت تي پاڻي نه ڏيڻ سبب سنڌ ۾ سارين ۽ ڪاٽن جي پوکائي متاثر ٿي آھي،آنھي موقعي تي ليفٽ بئنڪ ڪينالس ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر عبد الواحد ڪنڌر چيو ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ سندن عملو وڌ کان وڌ ڪوشش ڪري پاڻي جي ورڇ کي بھتر بڻائي رھيا آھن پر ڪجھ بااثر ماڻهون زبردستي پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، ھن چيو ته پاڻي جي گھرج وڌيڪ آهي پر پاڻي گھٽ اچي رھيو آھي جنھن سبب اسان مجبور ٿي وارا بندي ڪري رھيا آھيون، ھن وڌيڪ چيو ته پاڻي چوري روڪڻ لاء سخت اپاءَ وٺي رھيا آھيون ۽ ھاڻي پاڻي چورن خلاف باقاعده آپريشن ڪري پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا ته جيئن پڇڙين تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگھون،دوري دوران ايگزيڪيٽو انجنيئر ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود ھئا ان موقعي تي آبادگارن سيڊا چيئرمين توڙي ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ کي پاڻي نه ملڻ، پاڻي چوري ٿيڻ ۽ وارا بندي جون شڪايتون ڪندي چيو ته جلد پاڻي نه مليو ته سخت احتجاج ڪندي مين شاهراهن تي ڌرڻا ھنيا ويندا،