بدين ويجهو آئيس موالي ڪهاڙي سان امڙ جو ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، گرفتار

بدين ويجهو آئيس موالي ڪهاڙي سان امڙ جو ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، گرفتار

بدين (رپورٽر) بدين ويجھو وھڻائي شريف لڳ ڳوٺ عرس ملاح ۾ آئيس جي نشي ۾ مبتلا موالي پٽ وسيم ملاح پنهنجي ماءُ الھبچائي ملاح مٿان ڪھاڙي جا وار ڪري سندس ڳلو ڪپي کيس بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو،  جوابدار سرعام ڪھاڙي کڻي لھرائيندو رھيو ڳوٺاڻن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، نفري واقعي واري هنڌ پهتي، جوابدار وسيم ملاح کي ڪھاڙي سميت گرفتار ڪيو ويو، ، جڏھن ته پوليس پاران عورت جي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ انڊس اسپتال بدين منتقل ڪيو آهي