| بدين ۾ انٽرڊسٽرڪٽ فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل، حيدرآباد جي ٽيم چيمپئن |
بدين (رپورٽر) حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن وچ ۾ ٿيندڙ فوٽ بال ٽورنامينٽ جو فائينل ميچ پير عالي شاھ اسٽيڊيم بدين ۾ بدين ۽ حيدرآباد جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو. حيدرآباد جي ٽيم چار زيرو گول تان ڪاميابي ماڻي ورتي. ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم ۽ رنر اپ ٽيم کي ٽرافيون ڪيش انعام ۽ ميڊل پڻ ڏنا ويا ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر انور علي روشن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد ڊويزن جي ضلعن وچ ۾ ٿيندڙ فوٽ بال جا ميچ صوبائي وزير براءِ رانديون ۽ نوجوانن جا مسئلا محمد بخش خان مهر ۽ راندين جي سيڪريٽري منور علي مهيسر جي ھدايتن تي ٿي رهيا آهن. ان موقعي تي اڳوڻو چيئرمين ايريا واٽر بورڊ سيد سڪندر علي شاھ، انفارميشن آفيسر عرفان علي جوڻيجو، انفارمیشن آفیسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ اسپورٽس آفيسر بدين عبدالرزاق خاصخيلي، اڳوڻو ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر اقبال بالا، صدر فوٽ بال ايسوسيئيشن سنڌ حاجي اعظم خان، صدر فوٽ بال ايسوسيئيشن بدين محمد ڀنڀرو، ڊي ايس او ٽنڊو الهيار فائزہ، ڊي ايس او ٽنڊو محمد خان محمد جنيد فاروق ۽ ٻيا موجود هئا.