بدين ۾ اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي آبادگارن ۽ هارين جو پيادل مارچ، ڌرڻو

ڊسمبر 1, 2024

بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ۾ اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي آبادگارن ۽ هارين جو پيادل مارچ، ڌرڻو خبر موجب اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي سڏ تي سنڌ آبادگار ايسوسيشن بدين جي سوين آبادگارن ۽ هارين الله والا چوڪ کان پيادل مارچ ڪري ايوان صحافت اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جيڪو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، ڌرڻي ۾ بدين جي سوين آبادگارن، هارين، مزدورن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعريٰ گونجندا رهيا، ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن زاهد حسين ڀرڳڙي، شاھنواز جمالي، امير حسن آزاد پنهور، نواب خان ٽالپر، سرمد نظاماڻي، حاجي خداد نظاماڻي، سيد سليمان شاهه، سردار اسلم نوناري، شاهنواز بروهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ خلاف سازشون صدين کان جاري آهن، وفاق ڪڏهن ڊيمن جي نالي تي ته ڪڏهن ڪئنالن جي نالي سنڌ کي برباد ڪرڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته سنڌوءَ درياءَ تي ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبا، سنڌي قوم کي ايترو مجبور نه ڪيو، مزاحمت کان به نه لنوائينداسين، هنن چيو ته سنڌ کي اڳئي پاڻي گهٽ ٿو ملي، جيڪڏهن اهو پاڻي به 6 ڪئنال ڪڍي اوڏانهن ڏنو ويو ته سنڌ سڄي بيابان ٿي ويندي خاص ڪري لاڙ جا ضلع ٺٽو، بدين ۽ ٽنڊومحمد خان جون لکين ايڪڙ  زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ هزارين ايڪڙ زمينون سمنڊ به ڳڙڪائي ويندو، جنهن سان انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.

Leave A Comment