بدين ۾ ايڪتا جا رنگ، راڳين جي سرن ورکا، انتهاپسندي کان آجي سنڌ نعري جي گونج

نومبر 25, 2024

بدين (رپورٽ: شفيع محمد جوڻيجو) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل ايڪتا ڏھاڙو “انتھا پسندي کان آجي سنڌ” کي بدين واسين ڀرپور موٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، لاڙ ثقافتي آرٽ ڪائونسل پاران ايوان صحافت جي ھال ۾ موسيقي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ناليواري فنڪار الھڏني جوڻيجو ڪئي، تقريب ۾ بدين جي فنڪارن ڀرپور شرڪت ڪئي، پروگرام جي شروعات ناليواري فنڪار لاڙ آرٽ ڪائونسل بدين جي صدر استاد الھڏنو جوڻيجو “ھاڻي اسان کي امن ٿو گھرجي، نه انتھا پسندي نه دشمن ٿو گھرجي” سان ڪئي ۽ “سھڻا ماڻھون سنڌ جا” ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن جو خوب داد حاصل ڪيو، نوجوان فنڪار امتياز سميجو “نٿو جو سنڌ لئه لڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي” ڳائي محفل مچائي ڇڏي، راڳي وسايو نوتيار يڪتاري چپڙي تي “سنڌ ڌرتيءَ جا دلير ماڻھون” ۽ انور ڪڇي مشھور قومي گيت ڳائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، بانسري نواز خالد تارڙ “سھڻا ماڻھون سنڌ جا” سميت پنھنجي بانسري ۾ اھڙيون ته ڌنون ٻڌايون جو محفل کي چار چنڊ لڳي ويا، ان موقعي تي فنڪارن چيو ته اسان ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل ايڪتا ڏھاڙو پهرين ڊسمبر تي گڏجي ڀرپور نموني سان ملھائينداسين

Leave A Comment