بدين ۾ ايڪتا جون تياريون، ايوان صحافت آڏو 50 فوٽ ڊگهو  24 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار

بدين ۾ ايڪتا جون تياريون، ايوان صحافت آڏو 50 فوٽ ڊگهو  24 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار

بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ۾ايڪتا شيڊول کي به آخري شڪل ڏني وئي آھي جنهن مطابق ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل 7 ڊسمبر تي مرڪزي ايڪتا ريلي ضلعي رپورٽر شفيع محمد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾  11 وڳي آلله والا چوڪ بدين کان نڪرندي جيڪاشھر جي مرڪز قائد اعظم روڊ،مھراڻ چوڪ، اسٽيشن روڊ غريب اباد کان ٿيندي بدين پريس ڪلب آڏو پھچندي جتي مک تقريب ايوان صحافت بدين آڏو رکي وئي آھي جتي 50 فوٽ وڏو اسٽيج ٺاھيو ويو آھي جتي مختلف سياسي سماجي ۽ سول سوسائيٽي جا اڳواڻ خطاب ڪندا ۽ مک تقريب ۾ بدين جا نالي وارا فنڪار پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا،ايڪتا جي مرڪزي ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻ سول سوسائٽي، واپاري، شھري توڙي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن سميت ھزارين سنڌي شرڪت ڪندا،، آنھي کان علاوه ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار  پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو منشيات کان پاڪ سنڌجي سري هيٺ ملهائڻ جون بدين ضلع ۾ تياريون عروج تي پھچي ويون آھن مختلف اسڪولن، ڪاليجن، رونيورسٽين سميت ٻھراڙين جي اوطاقن تي مچ ڪچھريون ٿيڻ جو سلسلو پڻ جاري آھي، انھي سلسلي ۾ بدين جي واپارين به پاڻ ملھايو آھي، بدين ۾ ھنڊا ڪمپني جي مشھور واپاري عميز ميمڻ پاران ھڪ بھترين ايڪتا ثقافتي پروگرام رکيو ويو جنھن ۾ ايم پي اي بدين حاجي تاج محمد ملاح، واپاري اڳواڻ اڪبر ميمڻ،پ پ ڪلچرل ونگ اڳواڻ رئيس عاشق گوپانگ،ھنڊا ڪمپني جي آفيسرن سميت موٽر سائيڪل شوروم اڳواڻن، واپارين شھرين ۽ گلن جھڙن ٻارڙن اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي ڀرپور شرڪت ڪئي،ايڪتا پروگرام ۾ قومي گيتن تي ڊانس ۽بھترين ٽيبلوز پيش ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا،