بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو)سامونڊي طوفان جو رخ سنڌ جي سامونڊي پٽي ڏانهن ٿيڻ بعد بدين جي حدن ۾ تيز ھوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آھن جنهن سبب ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي، ساحلي پٽي جي ماڻھن ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آھي ۽ ماڻھن محفوظ ھنڌن ڏانھن پاڻ مرادو لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آھي
طوفان بائيپر جوائي جي اطلاع بعد ساحلي پٽي جا ماڻھون پاڻ مرادو لڏ پلاڻ ڪري ڪيمپن بدران پنھنجن مٽن مائٽن ۽ محفوظ ھنڌن ڏانھن وڃي رھيا آھن
ضلعي انتظاميه پاران ساحلي پٽي جي ماڻھن کي محفوظ جاين تي پُھچائڻ لاءِ گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ڀڳڙا ميمڻ ۾ ڪيمپ قائم ڪري ماڻھن کي اتي پھچائڻ لاءِ اسٽنٽ ڪمشنر بدين ۽ مختيار ڪار بدين ڪجھه گاڏيون کڻي ساحلي پٽي جي ڳوٺن شيخ ڪرھيو ڀانڊاري، ڳوٺ ساجن شيخ، گولو منڌرو، حاجي حجام، ڀڳڙا ميمڻ ۽ ٻين هنڌن پھچي ڪجھه ماڻھن کي گھرن کان ٻاھر ڪڍڻ جن ڪوششون ڪري ڪيمپن تي روانو ڪيو ويو آهي
ٻئي پاسي ساحلي پٽي جي رھواسين رمضان ملاح، حسين ملاح ۽ ٻين موجب ته اسان ماھيگرن جا 50 کان مٿي ھوڙا جنھن ۾ سوين ماھگير مڇي جي شڪار تي اونهي سمنڊ ۾ ويل آھن اھي واپس آڻڻ لاءِ انتظاميه ڪو به بندوبست ناھي ڪيو ۽ سندن وارث سخت پريشان آھن
ماھيگيرن موجب ته اسان جا ڪيترائي ھوڙا سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل آھن انھن جي واپسي نه ٿيڻ سبب علائقي جي ماھيگيرن ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آھي
سندن چوڻ هو ته تيز هوائن لڳڻ بعد سوين ماھيگيرن پنھنجا ھوڙا ۽ ٻيڙيون سامونڊي ڪناري سان بيھاري ڇڏيون آھن ڇاڪاڻ ته اهڙي صورتحال ۾ سمنڊ ۾ وڃڻ ڪنهن به خطري کان خالي ناهي