بدين ۾ جيالا ضلعي قيادت خلاف سراپا احتجاج: ٻئين ڏينهن به بک هڙتال

مَي 20, 2023

بدين( رپورٽر( بدين ۾ جيالن مخصوص سيٽن تي نظر انداز ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري رکيو، بک هڙتال ڪئي وئي

امير حسن کوسو، محمد جمن ملاح,علي محمد نھڙيو

سليم خاصخيلي رفيق ميمڻ, محمد اسلم ميمڻ,يوسف زندپور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به ايوان صحافت اڳيان احتجاج ڪيو ويو

احتجاج ڪندڙن چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اعلان باوجود مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن تي جيالن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي

هنن چيو ته مقامي قيادت مخصوص سيٽن تي پنهنجن گهر ڀاتين ۽ من پسندن کي چونڊرائڻ گهري ٿي جيڪا  پارٽي ورڪرن سان ناانصافي آهي

احتجاج ڪندڙ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو معاملي جو نوٽيس وٺي سينيئر ورڪرن کي مڪاني ادارن جون مخصوص سيٽون ڏياري ٻي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو

Leave A Comment