بدين ۾ جيالا مخصوص سيٽون نه ملڻ تي قيادت مٿان ڪاوڙجي پيا، بک هڙتال

مَي 19, 2023

بدين( رپورٽر) بدين ۾ مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن تان پ پ اختلافن جي ور چڙهي وئي آهي، جيالن احتجاج دو دڳ اختيار ڪري ورتو

مرڪزي ۽ ضلعي قيادت پاران پراڻن جيالن ۽ مختلف ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن کي مخصوص سيٽن تي نظرانداز ڪرڻ خلاف ايوان صحافت اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي

پيپلزپارٽي سٽي بدين جي صدر نور محمد ملاح, ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات امير حسن کوسو، علي محمد نھڙيو, پ پ سٽي نائب صدر جمن ملاح ،سليم خاصخيلي, جنرل سيڪريٽري ليببر رفيق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن علامتي بک هڙتال  ڪئي

بک هڙتال تي ويٺل جيالن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي پي جي ضلعي قيادت کي هدايتون ڪيون هيون ته مخصوص سيٽن تي صرف پيپلزپارٽي جي سينئر ورڪرن کي ڏنيو وڃن جنهن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي

احتجاج ڪندڙن پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته مخصوص سيٽون صرف پارٽي ڪارڪنن کي ڏنيون وڃن ٻي صورت احتجاج جاري رهندو

Leave A Comment