بدين (رپورٽر) بدين جي معذورن جي تنظيم تڪميل ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان بدين ۾ حلف برداري تقريب جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ بچل هنڱورجو صدر چونڊجي ويو. مرڪزي اڳواڻن فيصل بلوچ ۽ علي نواز پيرزادو جي شرڪت آفيس جو افتتاح ڪيو ويو، انهي موقعي تي مرڪزي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ٿي ڪري کين نوڪريون ۽ ٻين مراعتن کان محروم رکيو ويو pdp تحت 800 سئو ڪروڙ رکيا ويا آهن جيڪي هنن معذور ماڻهن کي ڏنا وڃن ته جيئن هي پنهنجي پيرن تي بيھ سگهن تقريب ۾ مظهر پنهور علي محمد شاهاڻي اسلم ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو،
قمبر ۾ شهرين جي روڊ جي تعمير جي لاءِ ريلي، مظاهرو، ڌرڻو
قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ باءِ پاس روڊ جي متاثرن ناانصافين خلاف جناح باغ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، مظاهرين نذير احمد تنيو، مجاهد حسين بخاري، سراج چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته سنڌ سرڪار لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ شهدادڪوٽ تائين ڊبل روڊ تعمير ڪرائي رهي آهي، جنهن جي اسين حمايت ڪريون ٿا پر قمبر باءِ پاس کان روڊ کي هڪ طرف کان ٺاهيو پيو وڃي جنهن سان رهائشي ۽ ڪاروباري علائقا سخت متاثر ٿين ٿا، اسان جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته باءِ پاس روڊ کي ٻنهي پاسن کان تعمير ڪيو وڃي.
بدين ۾ ڪڙيي گهنور واسيءَ جو بااثر پاران زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج
بدين (رپورٽر) ڪڙيو گهنور جي ڳوٺ حاجي خان پنهور جي رهواسي الھورايو پنهور ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس اڌ ايڪڙ سروي زمين تي بااثر وڏيري اسماعيل پنهور ۽ سندس پٽ جيڪو منشيات جو ڊيلر به آهي انهي طرفان زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ چڱن مڙسن کي دانهن ڏيڻ تان مڇرجي کيس قتل ڪرڻ ۽ سندس پٽن کي اغوا ڪرڻ ۽ چوپايو مال چوري ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن متاثر معذور پيرسن موجب تہ هن بدين جي ايس ايس پي کي درخواست ڏني جيڪا هن ڪڙيو گهنور ٿاڻي تي ڏني پر پوليس درخواست ئي گم ڪري ڇڏي آهي احتجاج ڪندڙ متاثر پيرسن موجب تہ هو هڪ غريب ۽ معذور آهي. جنهن ڪري ڪو سندس ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي معذور پيرسن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي تہ سندس اڌ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر وڏيري خلاف ڪارروائي سندس زمين تان قبضو ختم ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي
شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي ۾ سيمينار، اداري ۾ ڪمرشلائيزيشن ۽ جدت بابت جامع جائزو پيش
ڄامشورو(رپورٽر) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورپاران، ”فيڪلٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاروباري پاليسي گائيڊ لائن، ڪمپنيون، ڪنسلٽنسي، ۽ ٽيڪنالاجي ڪمرشلائيزيشن پاليسي گائيڊ لائنز” جي عنوان سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو. سيمينار يونيورسٽي جي ڪوالٽي اينهانسمينٽ سيل پاران منعقد ڪيو ويو. ڪوالٽي اينهانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر شبينا شيخ، يونيورسٽي اندر جدت ۽ ڪمرشلائيزيشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ نئين ترقي يافته پاليسي فريم ورڪ جو هڪ جامع جائزو پيش ڪيو ۽ اهم پاليسي حصن تي وضاحت ڪئي، جنهن ۾ ڪمپني رجسٽريشن جي طريقيڪار، آمدني ۽ منافعي جي حصيداري جو طريقو، ۽ فيڪلٽي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاروبار جي شروعات لاءِ موجود ادارتي مدد شامل هيون، سيمينار ۾ فيڪلٽي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ موضوع سان متعلق سوال جواب ڪيا.