بدين ۾ پبلڪ کاتي جي آفيس تي نيب جو ڇاپو: ڪروڙين رپين جي ڪرپشن

جُون 26, 2023

بدين(رپورٽر) بدين ۾ پبلڪ کاتي جي آفيس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي انڪشاف تي نيب جي ٽيم ڇاپو  هڻي رڪارڊ کڻي وئي

تفصيل موجب بدين ۾ پبلڪ کاتي جي آفيس ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال ۽ بجيٽ ۾ رکيل رقم ۾ خرد برد جي انڪساف بعد نيب جي ٽيم اوچتو ڇاپو هنيو  جڏهن ته اطلاع ملڻ تي آفيسر کسڪي ويا، نيب جي ٽيم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

پبلڪ هيلٿ کاتي جي اندروني ذريعن  موجب کاتي پاران مختلف سائينڊن تي هلندڙ ڪمن ۾ ڪيل ڪرپشن جو  جائزو وٺڻ لاءِ نيب ٽيم پهتي ۽ رڪارڊ جو معائنو ڪيو

 ذريعن موجب نيب جي ٽيم مختلف ترقياتي ڪمن جي مد ۾ استعمال ٿيل ناڪاره مٽيريل  ۽  بجيٽ  ۾ رکيل پئسن ۾ خربرد جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي

Leave A Comment