ٽنڊو باگو( ن پ ا)بدين جي مڪاني ادارن جي مخصوص سيٽن تي نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪولهي برادري طرفان مظاهرو ڪيو ويو
ڊاڪٽر پنھون ڪولھي، چندر ڪولھي، ڊاڪٽر رازو مل،سجاد شاھ جي اڳواڻي ۾ اللھ واري چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو
ھنن چيو ته بدين ضلعي ۾ ڪولھين جا 2 لک ووٽ ھوندي به پ پ پاران اسانکي ھڪ به مخصوص سيٽ نه ڏني وئي آهي جيڪا سراسر ناانصافر آهي
احتجاج ڪندڙن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي