| بدڪون سي به رٻڙ جون درياهه ۾ ترنديون رهيون! |
شڪاگو (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي شهر شڪاگو ۾ هڪ ٽرڪ مان 90,000 رٻڙ جي بدڪن کي شڪاگو درياهه ۾ اڇلايو ويو، جتي انهن سالياني ‘شڪاگو ڊڪي ڊربي’ ۾ حصو ورتو. هي منفرد مقابلو اسپيشل اولمپڪس الينوئي لاءِ هزارين ڊالر گڏ ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو آهي. بدڪن کي جزوي طور تي کليل پل جي هڪ پاسي کان درياهه ۾ ڇڏيو ويو، جنهن کان پوءِ هئڊي رنگ جي بدڪن جو هڪ وڏو ٽولو پاڻي تي ظاهر ٿيو. بدڪون تقريباً 15 منٽن تائين درياءَ ۾ ترنديون رهيون، جنهن کان پوءِ فاتح ۽ رنر اپ بدڪن کي پاڻي مان ڪڍيو ويو. سالياني تقريب ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ميلي ۾ موجود ماڻهن وڏين بدڪن سان تصويرون ڪڍيون، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن پنهنجا خيال هڪ بورڊ تي پڻ لکيا جنهن جو ڪيپشن هو “مان هڪ بدڪ کي پالڻ لاءِ وٺي رهي آهيان ڇاڪاڻ ته…”. ڪيترن ئي ماڻهن کي رٻڙ جي بدڪن جي تصويرن سان ٽي شرٽ پائي هئي.