برازيل ۾ فٽبال ميچ دوران جهيڙو: لتن ۽ مڪن جو وسڪارو: 23 ريڊ ڪارڊز جو رڪارڊ قائم

برازيل ۾ فٽبال ميچ دوران جهيڙو: لتن ۽ مڪن جو وسڪارو: 23 ريڊ ڪارڊز جو رڪارڊ قائم

براسيليا (اسپورٽس نيوز) برازيل ۾ فٽبال ميچ دوران جهيڙي کانپوءِ 23 ريڊ ڪارڊز جو رڪارڊ قائم ٿي ويو، برازيل ۾ کيڏيل ڪيمپيوناتو مينيرو جي فائنل ۾ روايتي حريف ڪروزئيرو ۽ ايٽليٽڪو مينيرو جي وچ ۾ ميچ جي آخري لمحن ۾جهيڙو ٿي پيو، ميچ جي آخري لمحن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جڏهن ايٽليٽڪو مينيرو جي گول ڪيپر ايورسن ڪروزئيرو جي مڊفيلڊر ڪرسٽن کي زمين تي ڌڪو ڏنو.وائرل وڊيو ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته ڪرسٽن بال جو پيڇو ڪندي گول ڪيپر سان ٽڪرائجي ويو، جنهن تي هن سخت رد عمل ظاهر ڪيو.هن واقعي کان فوري طور تي ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هڪ ٻئي جي سامهون ٿي پيا، هڪٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، گرائونڊ ميدان جنگ بڻجي ويو،صورتحال ايتري قدر خراب ٿي وئي جو سيڪيورٽي اهلڪارن کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ رانديگرن کي الڳ ڪرڻو پيو.ميچ ريفري واقعي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ۽ 23 رانديگرن کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريا.برازيل جي فٽبال جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن ميچ ۾ ايتري وڏي انگ ۾ رانديگرن کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريا ويا آهن.ميچ کان پوءِ ايٽليٽڪو مينيرو جي رانديگر هولڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.هن چيو ته هن اڳ ڪڏهن به ڪنهن به فٽبال ميچ ۾ اهڙي پرتشدد صورتحال نه ڏٺي هئي ۽ ان لاءِ معافي ورتي.ٻئي طرف ڪروزئيرو جي ڪوچ ٽائيٽ فتح کان پوءِ مداحن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو ڪلب جي مداحن جي پيار ۽ احترام جي قدر ڪري ٿو.