براڊ پيڪ حادثو: 5 نيپالي ڪوهه پيمائن جا لاش اسلام آباد منتقل

براڊ پيڪ حادثو: 5 نيپالي ڪوهه پيمائن جا لاش اسلام آباد منتقل

اسڪردو( اسپورٽس نيوز) براڊ پيڪ تي برفاني تودو ڪرڻ سبب فوت ٿيل ڪوهه پيمائن مان 5 نيپالين جا لاش اسلام آباد پهچايا ويا آهن.ڊپٽي ڪمشنر حمزه مراد موجب، ڪوهه پيمائن جا لاش هوائي جهاز ذريعي اسلام آباد آندا ويا، جن کي پمز اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته سفري دستاويز تيار ٿيڻ کان پوءِ لاشن کي نيپال روانو ڪيو ويندو.ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ براڊ پيڪ تي برفاني تودو ڪرڻ سبب 10 ڪوهه پيما لاپتا ٿي ويا هئا، جن مان مشهور ڪوهه پيما نرمل پرجا سميت 8 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.حمزه مراد موجب، پاڪستاني ڪوهه پيما سهيل سخي ۽ هڪ پرڏيهي عورت جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي.