ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪالھوڪي وسڪاري هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي شهري انتظاميا، خدمتن جي بنيادي ڍانچي ۽ هنگامي حالتن کي منھن ڏيڻ واري نظام تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڪٿي رم جھم ته ڪٿي ڳڙن سان ٻنا ٻوڙ وسڪاري نه صرف روزمره جي زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، پر ڪيترن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جهڙي خطرناڪ صورتحال به پيدا ڪري ڇڏي آهي. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ م – جيڪو ملڪ جو معاشي مرڪز آهي، اتي گهٽ برسات به انتظامي ناڪامي کي وائکو ڪري ڇڏيندي آهي، جڏهن ته هن ڀيري ته وسڪاري شدت اختيار ڪئي آهي. سڄي سنڌ ۾ بجليءَ جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ، واٽر سپلاءِ جو نظام متاثر ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ ناڪامي اهڙي صورتحال کي جنم ڏنو آهي، جتي عام ماڻهو لاءِ جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي. توڙي جو حڪومت طرفان “رين ايمرجنسي” لاڳو ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا، پر زميني حقيقتون انهن دعوائن جي ابتڙ نظر اچن ٿيون. سنڌ انتظاميا ھونئن ته احسن ڪارڪردگي جي دعوائن کي وقفو ناھي ڏيندي پر ڪا به هنگامي صورتحال نااهليءَ جي ظاهر ڪري ڇڏيندي آهي.
ھميشه جيان ڪالھوڪي برسات سبب به رستا تلاءَ بڻيل آھن، برساتي پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو. اڪثر ھنڌن تي بجلي ڊگھي موڪل تي ويل آھي. اهي سڀ ان ڳالهه جا ثبوت آهن ته ايمرجنسي جا اعلان صرف ڪاغذن تائين محدود آهن. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته موسميات کاتي اڳواٽ ئي برساتن بابت الرٽ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ واضح طور تي تيز وسڪاري ۽ ان سان لاڳاپيل خطرا بيان ڪيا ويا هئا. پوءِ به مڪاني، ميونسپل ادارا، پي ڊي ايم ۽ لاڳاپيل کاتا ڪنهن به موثر تياري کان محروم نظر آيا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اڳواٽ اطلاع موجود هو، ته پوءِ نيڪالي جا نالا صاف ڇو نه ڪيا ويا؟ پمپنگ اسٽيشنن کي فعال ڇو نه بڻايو ويو؟ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي کي تيار ڇو نه رکيو ويو؟
سنڌ ۾ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي عام حالتن ۾ ئي عوام آزاريندڙ رھندي آھي. بجليءَ جي تار تي ڪا جھرڪي ويھندي آهي ته اھي بجلي بند ڪري ڇڏيندا آهن ۽ برساتن ۾ ته انھن کي بجلي بند ڪرڻ جو موقعو ھٿ اچي ويندو آهي. انھن ڪمپنين جو انفراسٽرڪچر ناقص آھي. ٻه ڦڙيون وسڻ تي فيڊر ٽرپ ٿي ويندا آھن. بجليءَ جي فراهمي بند ٿيڻ سان عوام جي تڪليفن ۾ ويتر اضافو ٿيو آهي. گرمي، اوندهه ۽ برساتي ماحول ۾ بجليءَ جي غيرموجودگي ماڻهن لاءِ ٻٽو عذاب بڻجي وئي آهي. پاڻي جي فراهمي، برساتي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ ٻين اهم خدمتن تي به ان جو منفي اثر پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ نظر اچي ٿي.افسوسناڪ پهلو اهو به آهي ته هر سال مينهوڳي جي موسم ايندي آهي، ۽ هر سال ساڳيون دعوائون، ساڳيون ناڪاميون ۽ ساڳيون تڪليفون ورجائجن ٿيون. فنڊ جاري ٿين ٿا ۽ “خرچ” به ٿي وڃن ٿا پر برساتي پاڻي نيڪال نٿو ٿئي. ڄڻ ته وسڪارو ادارن لاءِ آزمائش نه پر منافعي جي موسم بڻجي ويو آهي. اھا صورتحال نه صرف بدانتظامي پر بدعنواني جي به عڪاسي ڪري ٿي. موسميات کاتي موجب برسات جو هي سلسلو سڀاڻي تائين جاري رهندو، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي قدم نه کنيا ويا ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي ادارا روايتي سستي ۽ بيحسي ڇڏي، عملي ۽ موثر قدم کڻن. برساتي پاڻي جي ترت نيڪال لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. پمپنگ اسٽيشنن جي بحالي کي يقيني بڻايو وڃي. بجليءَ جي بندش کي جواز بڻائي ويھي رھڻ بدران ھنگامي طور تي جنريٽر ھلائي برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. بجليءَ جي فراهمي کي جلد بحال ڪرڻ لاءِ ترت انتظام ۽ بهتر نگراني جو بندوبست ڪيو وڃي. ذميوار ادارن ۽ عملدارن جو احتساب ڪيو وڃي ته جيئن هر سال ساڳي ناڪاميءَ جو ورجاءُ نه ٿئي. برسات قدرتي عمل آهي، پر ان کي آفت بڻائڻ اسان جي ادارن جي نااهلي آهي. جيڪڏهن ادارا پنهنجي ذميوارين کي سنجيدگي سان نڀائين، ته اهڙيون حالتون آساني سان ضابطي ۾ آڻي سگهجن ٿيون ۽ عوامي اھنج گھٽائي سگھجن ٿا.