| برساتن جو بهانو: فوڊ کاتي خريداري شروع نه ڪئي: آبادگار سستي ڪڻڪ وڪڻڻ تي مجبور |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) برساتن جو بهانو، آبادگارن سان جُٺ، ڪڻڪ خريداري وارو عمل شروع نه ٿي سگھيو، صوبي جي سمورن ضلعن ۾ 109 خريداري سينٽرن تان 3500 رپين واري امدادي اگھه تي هڪ مڻ به ڪڻڪ خريد نه ڪئي وئي! سنڌ حڪومت پاران پهرين اپريل کان سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري شروع ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ صوبي ۾ خريداري سينٽر قائم ڪرڻ ۽ عملي جون مقرريون ڪرڻ باوجود 3 ڏينهن ۾ ڪڻڪ خريد نه ٿي سگھي، هن وقت ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ 3 هزار کان 3200 رپين تائين في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت پاران پهرين اپريل کان صوبي ۾ 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ننڍن آبادگارن کان 3500 روپيا في مڻ اگھه تي خريد ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل 109 خريداري سينٽر ڪڻڪ خريداري شروع نه ٿيڻ سبب ٽن ڏينهن کان خالي پيل آهن. ان حوالي سان ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته برساتن ۽ خراب موسم جو بهانو ڄاڻائي ڪنهن هڪ ضلعي مان به سرڪاري اگھه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ وارو عمل شروع نه ڪيو ويو آهي. سرڪاري اگھه تي ڪڻڪ خريداري وارو عمل شروع نه ٿيڻ ڪري هن سال به حيدرآباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، بدين، ميرپورخاص، دادو، جيڪب آباد، گھوٽڪي، ڪشمور_ ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز، مٽياري، ٺٽو، خيرپور، شهيد بينظيرآباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين سمورن ضلعن ۾ آبادگار مجبوري ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ في مڻ 3 هزار کان 3200 روپين تائين في مڻ وڪرو ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن.