برساتن سبب پنجاب ۾ ريل پل لڙهي وئي، ٽريفڪ معطل

برساتن سبب پنجاب ۾ ريل پل لڙهي وئي، ٽريفڪ معطل

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ قلعه ستار شاهه ڀرسان تيز برسات ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب ريلوي لڙهي وئي جنهن سبب لاهور کان فيصل آباد ريلوي سيڪشن تي ٽرين آپريشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ريلوي ڪيترين ئي ٽرينن جا روٽس تبديل ۽ ڪجهه ٽرينون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. ريلوي اختيارين موجب قلعه شيخوپوره ۽ مسن وچ ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي انفرااسٽرڪچر متاثر ٿيو جنهن کان پوءِ حفاظتي قدمن تحت لاهور ۽ فيصل آباد سيڪشن تي ٽرينن جي اچ وڃ عارضي طور تي روڪي وئي. ڊويزنل ٽرانسپورٽ آفيسر، ريلوي لاهور ڊويزن موجب 41 اپ/42 ڊائون قراقرم ايڪسپريس ۽ 27 اپ/28 ڊائون شاليمار ايڪسپريس کي فيصل آباد بجاءِ لاهور کان سڌو رائيونڊ، ساهيوال ۽ خانيوال طرف روانو ڪيو ويندو. قراقرم 42 ڊائون جي مسافرن کي فيصل آباد کان اڄ ملت ايڪسپريس 18 ڊائون ۾ اڪوموڊيٽ ڪيو ويو. لاهور ۽ سرگوڌا جي وچ ۾ هلندڙ ميانوالي ايڪسپريس کي سڌو سنئون وزيرآباد، لالا موسيٰ هلايو ويو. ٻئي طرف 111 اپ/112 ڊائون بدر ايڪسپريس ۽ 113 اپ/114 ڊائون غوري ايڪسپريس کي عارضي طور تي ملتوي ڪيو ويو آهي.