(ٻيون ۽ آخري حصو)
فلسطين جي قومي شاعر جھڙي حيثيت رکندڙ شاعر ۽ فلسطين جي آزاديءَ جو پڌرنامو لکندڙ محمود درويش (1941-2008ع) کي “رنگن جي برسات” ۾ ترڪيءَ جو شاعر ڄاڻايو ويو آهي، جيڪا اچرج ڏيندڙ ڳالهه آهي. سندس ٽي نثري نظم ان ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن، جن مان هيٺيون خوبصورت نثري نظم “ڪاش…” ڏاڍو وڻندڙ ۽ دل ۾ لھي ويندڙ آهي:
”جيئن هُن سان،
مون پيار ڪيو هو،
ڪاش ڪوئي مون سان به،
ايئن پيار ڪري ها!
مان هُن کي،
رڳو هڪ شخص سمجهي،
پيار نه ڪيو هو،
پر مون هن کي،
هڪ وطن سمجهي پيار ڪيو هو،
ڇو ته
مان
ڪنھن ٻئي سان،
پيار ڪرڻ نه ٿي چاهيو.” (ص 56)
تاج سروهيءَ پاران ترجمي واسطي نثري نظمن جي چونڊ گهڻي ڀاڱي ڌيان سان ڪيل ۽ سنڌي شعري ادب ۾ سٺو واڌارو آهي. ظاهر آهي ته کيس پنھنجيءَ پسند موجب چونڊ جو حق آهي، پر هُن ان چونڊ دوران ڪجهه ڳالهين کي ضرور ڌيان ۾ رکيو آهي، جھڙوڪ هُو ‘پنھنجي پاران’ لکيل لفظن ۾ لکي ٿو ته هُن “رنگن جي برسات” ۾ “اهڙا چونڊ نظم شامل ڪيا آهن، جن ۾ روشنيءَ ۽ آزاديءَ جو پيغام آهي… انهن ۾ سمايل احساس، تڪليفون، پيار، تنھائي ۽ اميد هڪَ جھڙي آهي.” (ص 10)
“رنگن جي برسات” پڙهندي، مون کي ڪيترن ئي نثري نظمن ۾ ڪيئي سِٽون موهينديون ويون، جن کي نوٽ ڪندو ويس. انهن مان هڪ انتخاب هيٺ ڏيان ٿو،
جن ۾ نفيس احساسن، دل ڇھندڙ جذبن، اُتم اڌمن، ۽ دردمند لمحن ۽ ڪيفيتن کي، دل ۾ لھي ويندڙ لفظن منجهه پوئيو ويو آهي.
* ڇا توکي منھنجي خود اعتمادي
پريشان ڪري رهي آهي؟
آخر تون ڇو پريشان آهين؟
ڇا ان ڪري جو مان فخر سان،
ڳاٽ اوچو ڪري هلندي آهيان؟ (مايا اينجلو/ص41)
* زنده رهڻ سنجيده ڪم آهي. (ناظم حڪمت/ص46)
* مان پنھنجي عمر
تو سان ملڻ کان پوءِ
ڳڻيندي آهيان. (خوش بخت بانو/ص49)
* اسان،
ان هڪ نُڪتي [نقطي] جيان ٿي وڃئون،
جتان طرفن جو تعين ڪيو ويندو آهي. (خوش بخت بانو/ص50)
* تون سمجهي سگهين ٿو
ته ڀروسي جو ٽٽڻ،
انسان لاءِ موت هوندو آهي. (خوش بخت بانو/ص53)
* جيڪڏهن،
توهان پنھنجو پاڻ کي نٿا سڃاڻو،
ته سمجهو،
توهان آهستي آهستي،
مري رهيا آهيو. (پابلو نرودا/ص58)
* زندگيءَ ۾ چيل،
پيار ڀريو هڪ لفظ،
مُردي کي،
پيشانيءَ تي چمي ڏيڻ کان،
تمام بھتر آهي. (علي طنطاوي/ص61)
* هِن،
بارود سان ڀريل دور ۾،
ڪڻڪ جي سنگن ۾ به،
بارود پيل آهي،
پکين جي آکيرن ۾ به،
بارود رکيل آهي،
مذهبي ماڻهوءَ به
بارود سان ڀريل آهن. (نزار قاباني/ص85)
* تنھنجي محبت،
ڳاڙهي جهنڊي جيان،
منھنجي دل ۾ رهندي آهي،
مان تو کي،
گهڻي انتظار کان پوءِ
حاصل ڪيو هو. (پابلو نرودا/ص114)
* تنھنجون اکيون،
برسات جي راتين جھڙيون آهن. (نزار قاباني/ص157)
دنيا جي مختلف ٻولين ۽ ملڪن سان تعلق رکندڙ شاعرن جي خوبصورت چونڊ سان سينگاريل هڪ سٺو ڪتاب ترتيب ۽ تدوين ڪرڻ تي تاج سروهي مبارڪن جو مستحق آهي.
هِن ڪتاب “رنگن جي برسات” ذريعي هُن ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون آهن، جھڙوڪ: هُن جي ڪيل ترجمي ۾ نثر بدران شاعري ئي موجود آهي، جيڪا سندس پھرين اهم ڪاميابي آهي. اهو ترجمو پڙهندي ڏکيو محسوس نه ٿو ٿئي ۽ شاعرن جي خيالن تائين پھچ ٿئي ٿي، جيڪا سندس ٻِين اهم ڪاميابي آهي. ڪتاب پڙهندي، پڙهڻ تي ئي دل چوندي رهي ٿي،
اها سندس ٽِين اهم ڪاميابي آهي. ڪتابن ۾ ڏنل شاعرن جي وڌيڪ شاعري پڙهڻ لاءِ اتساھه ملي ٿو، اها سندس چوٿين ڪاميابي آهي. اسان جا سنڌي شاعر ڪھڙا خيال منظوم ڪن ٿا ۽ ٻين ٻولين جا شاعر ڪھڙن خيالن جي پيشڪش، ڪيتري قدر منفرد نموني ڪن ٿا، ان کي آڏو آڻڻ سندس پنجين ڪاميابي آهي.
مختلف ٻولين جي لغت، اصطلاح ۽ ترڪيبون ڪيئن انساني شعور ۽ سندس اوسر تي اثر انداز ٿين ٿيون، اهڙي هڪ مطالعي لاءِ مواد پيش ڪري ڏيڻ، سندس ڇھين ڪاميابي آهي.