برسات سبب رستا بند، نينگري علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي فوت

جُولاءِ 24, 2023

واهي پانڌي (رپورٽر) واهي پانڌي ۾ برسات کانپوءِ نيئون وهي اچڻ سبب زميني رابطو ڪٽيل،   رستو نه هجڻ ڪري بيمار نينگري فوت ٿي وئي

واهي پانڌي ويجهو ڳوٺ صاحب خان لغاري واسي پورهيت علي گل لغاري جي ستن سالن جي نينگري دادلي تيز بخار سبب فوت ٿي وئي

وارثن جو چوڻ آهي ته  نينگري جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پئي، واهي پانڌي جوهي رستو بند هجڻ ڪري نينگري کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير ٿي

وارثن چيو ته نينگري کي طبيعت خراب ٿيڻ تي واهي پانڌي اسپتال کڻائي پهتاسين پر اتي ڊاڪٽر موجود نه هو، رستو بند هجڻ ڪري جوهي اسپتال نه کڻائي وڃي سگهياسين

Leave A Comment