| برسات سبب 24 ڪلاڪن دوران 20 ڄڻا فوت، 75 گهر متاثر: رپورٽ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران صوبي ۾ تازين طوفاني برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن بابت 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران طوفاني برساتن سبب سنڌ ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 31 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ڪراچي جي ضلعي ڪيماڙي ۾ 13، ملير ۾ 3، جڏهن ته سجاول ۾ هڪ شخص دڪان ڪري پوڻ سبب فوت ٿيو. رپورٽن موجب ڪراچي ايسٽ، ويسٽ ۽ سائوٿ ۾ به هڪ هڪ فوتگي جو واقعو رپورٽ ٿيو آهي. زخمين بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ايسٽ ۾ 5، ويسٽ ۾ 2، سائوٿ ۾ 10، ڪورنگي ۾ 3، ملير ۾ 6 ۽ ٺٽي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، اهڙي طرح زخمين جو ڪل انگ 31 ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ٺٽي ۾ برساتن سبب 2 جانورن جي مرڻ جا واقعا به سامهون آيا آهن. مالي نقصانن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾ 79 گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان ڪراچي ويسٽ ۾ 1، ايسٽ ۾ 4، سائوٿ ۾ 5، ملير ۾ 4 ۽ ٺٽي ۾ 65 گهرن کي نقصان پهتو آهي. ان کان علاوه صوبي ۾ 106 وڻ ڪري پيا آهن.