برسات ميئر لاڙڪاڻو ۽ چيئرمينن جي پت وائکي ڪري ڇڏي، شهر ٻڏل، شهري پريشان

جُولاءِ 30, 2023

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي برسات چونڊيل نمائندن جي پت وائکي ڪري ڇڏي، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري شهري پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا آهن

 لاڙڪاڻو شهر ۾ گذريل رات دير سان پيل برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،  شهر جي مختلف چوڪن چوراهن تي برسات جو پاڻي بيٺل آهي

لاڙڪاڻو ميئر سميت مختلف يوسي چيئرمين پنهنجي يوسين توڙي شهر جي مک علائقن بندر روڊ ايمپائر روڊ مڇي مارڪيٽ رحمت پور روڊ تان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهيا

شهر واسين جو چوڻ هو ته موسميات کاتي پاران هاءِ الرٽ به جاري ڪيو ويو هو، ان باوجود ميونسپل ڪارپوريشن نالن، گٽرن جي صفائي نه ڪرائي، برساتي پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو آهي

شهرين پرڏيهي وزير پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڊرينيج سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي

Leave A Comment