برسات ميئر ميرپوخاص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، رهائشي علائقا ٻڏل

جُولاءِ 26, 2023

ميرپورخاص(رپورٽ فهد سلطان چانڊيو)برسات کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود شهر جي رهائشي علائقن توڙي هيٺائين واري علائقن مان پاڻي نه نڪري سگهيو،ڪيترئي علائقن ۾ بجلي هن وقت تائين بحال ناهي ٿي سگهي،مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائندا شهر جي مين روڊن تان پاڻي ڪڍي ڦوٽوسيشن تائين محدود، شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر،ميونسپل ڪارپوريشن جي ساڍا 3 ارب کان وڌيڪ جي بجٽ منظور ٿي پر او زي ٽي شيئر نه ملي سگهيو

ميرپورخاص ضلعي ۾ 3 ڏينهن اڳ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات وسڻ جو سلسلو 4 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، رحمت جي برسات شهرين لاءِ زحمت ٿي وئي، شهرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو

هي به پڙهندا

موسميات کاتي جي اڳڪٿي باوجود ضلعي انتظاميا توڙي ميونسپل عملي جي تياري مڪمل نه هئڻ سبب شهر جي رهائشي ڪالونين توڙي هيٺائين واري علائقن مان هن وقت تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو

شهر جي مين روڊن مارڪيٽ چوڪ، چار مينار چوڪ، اسٽيشن چوڪ، مين ميرواهه روڊ، پراڻي سول اسپتال روڊ تان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي پر شهر جي رهائشي ڪالونين بخاري ٽائون، مالهي ڪالوني، ناريجو ڪالوني، ريواچند گارڊن، والڪٽ ٽائون، علي ٽالپر ٽائون سميت ٻين علائقن مان هن وقت تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو

پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب اتان جا رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي به اڃا بحال ناهي ٿي سگهي

ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر عبدالرئوف غوري، ڊپٽي ميئر جنيد بلند سميت يوسي چيئرمين شهر جي مين روڊن تان پاڻي ڪڍي ڦوٽو سيشن ۾ مصروف آهن پر شهر جي رهائشي علائقن مان پاڻي نيڪال لاءِ هن وقت تائين ڪو قدم ناهن کنيا ويا

اڳڪٿي کان وڌيڪ برسات پئي، پاڻي نيڪال ڪرايون پيا: ميئر ۽ ڊپٽي ميئر

ميرپورخاص ميئر عبدالرئوف غوري ۽ ڊپٽي ميئر جنيد بلند پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ جيڪا برسات پئي اها موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان وڌيڪ هئي جنهن سبب پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي، ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، هنن چيو ته يوسي چيئرمينن کي سخت هدايتون ڏنيون آهن ته پنهنجن علائقن مان فوري طور پاڻي ڪڍڻ لاءِ حڪمتي عملي جوڙي وڃي

ساڍا 3 ارب بجيٽ منظور ٿيل، شهر جو ڊرينيج نظام 60 سال پراڻو

ميئر ۽ ڊپٽي ميئر چيو آهي ته شهر جو ڊرينيج سسٽم 60 سال پراڻو آهي جيڪو مڪمل طور ناڪارا ٿي چڪو آهي، سال 2018 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ميرپورخاص شهر لاءِ 3 ارب کان وڌيڪ ماليت جو ميگا ڊرينيج پروجيڪٽ ڏنو هو جنهن جو ڪم هن وقت تائين جاري آهي، هنن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن جي ساڍا 3 ارب کان وڌيڪ جو بجيٽ منظور ڪئي آهي پر هن وقت تائين او زي ٽي شيئر ناهي مليو، هن سال شهر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا جنهن سان شهرين کي فائدو ملندو

پاڻي نيڪال نه ٿيو ته ميونسپل آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين: شهري

ميرپورخاص برساتي پاڻي مڪمل طور نيڪال نه ٿيڻ تي شهرين واجد لغاري، منظور ميمڻ، حبيب الله، غلام علي مهر سميت ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص شهر هن وقت موهن جو دڙو بڻجي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته شهر جو 90 سيڪڙو انفراسٽيڪچر تباهه ٿي ويو آهي، ميونسپل ڪارپوريشن ساڍا 3 ارب کان وڌيڪ جي بجيٽ هجڻ باوجود شهرين کي ڪو فائدو ناهي ٿيو،4 ڪلاڪ جي برسات شهرين کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ميونسپل عملو شهر جي مين روڊن تان پاڻي ڪڍي سوشل ميڊيا تي ڦوٽوسيشن ڪرڻ ۾ مصروف آهي، هن وقت جتان پاڻي نڪتو آهي اتي ميگا ڊرينيج پروجيڪٽ جا نالا هلي رهيا آهن، ميونسپل عملي جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، هنن چيو ته اسان جي علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب مختلف بيماريون وڌڻ جو خدشو آهي پر انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي،هنن  چيو ته جيڪڏهن جلد علائقن مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو ته ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

Leave A Comment