برسات ڀارت کي ٽي_20 سيريز کٽرائي ڇڏي، آسٽريليا کي شڪست سان گڏ ڪروڙن جو نقصان

برسات ڀارت کي ٽي_20 سيريز کٽرائي ڇڏي، آسٽريليا کي شڪست سان گڏ ڪروڙن جو نقصان

برسبين(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ برسات جي ڪري ڪرڪيٽ آسٽريليا کي هڪ ملين آسٽريلوي ڊالرن جو نقصان کڻڻو پئجي ويو. پاڪستاني رقپين ۾ اها رقم لڳ ڀڳ 18 ڪروڙ 17 لک رپيا ٿئي ٿي. آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ برسبين ۾ پنجون ٽي ٽوئنٽي ميچ برسات جي ور چڙهي ويو، ميچ ۾ ڇهه اوور کان گهٽ جي راند ٿي ۽ گجگوڙ سان برسات شروع ٿي وئي جنهن ڪري ميچ روڪڻي پئجي وئي. برسات جي ڪري ٻيهر ميچ شروع نه ٿي ۽ ختم ڪئي وئي. ڇهه کانگهٽ اوورز ٿيڻ جي ڪري تماشائين کي ٽڪيٽن جي رقم موٽائي ڏيڻي پئي، جنهن ڪري ڪرڪيٽ آسٽريليا کي اها هڪ مهانگي رات ثابت ٿي، ميچ ۾ جيئن ته 6 اوورن کان گهٽ راند ٿي ان ڪري تماشائي ٽڪيٽن جي مڪمل رقم واپس جا اهل قرار ڏنا ويا. 31 هزار 74 ڪرڪيٽ تماشايئن کي سموري رقم واپس ڪرڻي پئي. ميچ دوران ڀارت 4.5 اوورن ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 52 رنز ٺاهيون هيون ته برسات پئجي وئي ۽ ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. آسٽريليا کي مالي نقصان سان گڏ سيريز ۾ شڪست به کائڻي پئي. خانگي ٽي وي چينل موجب هن ميچ ۾ آسٽريليا وٽ سيريز برابر ڪرڻ جو موقعو هو، پر برسات سبب ميچ نه ٿي ۽ ڀارت سيريز کٽي ورتي.