برسات ۾ اوهان ڪم نه آيا، ووٽ جي اميد نه رکو: ڳوٺاڻن پ پ اميدوارن کي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو

جنوري 24, 2024

پڊعيدن (رپورٽ: ساجد جويو)پڊعيدن ويجهو پ پ اميدوارن کي ڳوٺاڻن ووٽ ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

 پڊعيدن جي يوسي ڀانڀري جي ڳوٺ محمد حسن ملڪ ۾ ڪارنر گڏجاڻي دوران اين اي 206 تي پ پ اميدوار ذوالفقار بهڻ ۽ پي ايس 34 جي اميدوار ممتاز چانڊيو کان ڳوٺاڻن پاران سخت پڇاڻو ڪيو ويو

 ڳوٺاڻن جي پڇاڻي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ڳوٺاڻن پڇاڻو ڪندي چيو ته پنجن سالن ۾ ڪهڙو فائدو ڏنو آهي اوهان جو وري ووٽ وٺڻ آيا آھيو

ڳوٺاڻن تنقيد ڪندي چيو ته هاڻي اميدوارن سان ڳالهائي وٺو، وري پنج سال هنن سان نه ملي سگهندا، برساتن ۽ ٻوڏ ۾ اوهان اسان جي ڪم نه آيا، اسان مان به ووٽ جي اميد نه رکو

جنهن تي اميدوار ڳوٺاڻن کي منٿون ڪندا رهيا پر ڳوٺاڻن اميدوارن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ ووٽ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

Leave A Comment