| برسبين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا جي واپسي، ٽاپ آرڊر جي شاندار بيٽنگ |
برسبين(اسپورٽس نيوز) ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي. تيز رفتار بيٽنگ ڪندي انگلينڊ تي برتري حاصل ڪري ورتي. انگلينڊ جي ٽيم 325 رنسون 9 رانديگر آئوٽ تان پنهنجي اننگ شروع ڪئي ۽ رڳو 9 رنسن جو اضافو ٿي سگهيو. سموري ٽيم 334 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جو روٽ 138 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جوفرا آرچر 38 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. آخري وڪيٽ جي پارٽنرشپ 70 رنسن جي رهي. اسٽارڪ 6 وڪيٽن سان ٽاپ وڪيٽ ٽيڪر رهيو. نيسر، بولينڊ ۽ ڊوگيٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ آسٽريليا جارحاڻي بيٽنگ شروع ڪئي ۽ ٽريوس هيڊ 33، جيڪ ويڌرالڊ 72، لبوشين 65، ڪپتان اسمٿ 61، گرين 45 ۽ انگلس 23 رنسون ٺاهي شاندار بيٽنگ ڪئي. ٽيم 5.17 جي شرح سان 73 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 378 رنسون ٺاهيون. اليڪس ڪيري 46 ۽ نيسر 15 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. هڪ ڏينهن ۾ 387 رنسون اسڪور ٿيون ۽ 7 وڪيٽون ڪريون. ڪارس 3، اسٽوڪس 2 ۽ آرچر هڪ وڪيٽ ورتي. آسٽريليا کي 44 رنسن جي برتري آهي.