| برطانوي حڪومت چوي ٿي پاڪستان وڃڻ تي تحفظ نه ملندو: قاسم/سليمان |
لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سليمان خان چيو آهي ته برطانوي حڪومت طرفان آگاهه ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن هو پاڪستان ويندا ته کين ”ڪنهن به قسم جو تحفظ نه ڏنو ويندو.“هڪ انٽرويو دوران سليمان خان چيو ته برطانوي حڪومت ان صورتحال تي نه ڪا مزاحمت ڪئي ۽ نه ئي ڪو سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. قاسم خان جو چوڻ هو ته ”منهنجو خيال آهي ته هو پنهنجا هٿ گندا نٿا ڪرڻ چاهين.“ سندس چوڻ هو ته اسان کي چيو ويو پاڪستان نه وڃو، جيڪڏهن پاڪستان وياسين ۽ اسان کي گرفتار ڪيو ويو ته برطانوي حڪومت طرفان ڪو به تحفظ نه ملندو. سندن چوڻ هو ته اميد هئي پيءُ سان ملاقات لاءِ پاڪستان ويندڙ ٻن برطانوي شهرين جي سار سنڀال ڪئي ويندي.
ڇا عمران خان جلاوطني قبول ڪندو؟ واري سوال تي سندس پٽن چيو ته سندن پيءُ سياسي سرگرمين تي پابندي قبول نه ڪندو. ٻئي پاسي هن وقت تائين برطانوي حڪومت ان بيان تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.