| برطانوي ڪاميڊين بل اوڊي لاڏاڻو ڪري ويو |
لنڊن (ڪلچرل ڊيسڪ) برطانوي مشهور ڪاميڊين بل اوڊي 85 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بل اوڊي اداڪاري جي شروعات 1970ع جي ڏهاڪي ۾ برطانوي ڪاميڊي گروپ ‘دي گوڊيز’ سان ڪئي هئي. ميڊيا موجب بل اوڊي ٻيلن ۽ پکين جي تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙ سرگرم ڪارڪن هو. اوڊي اداڪاري سان گڏ جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات تي ڌيان ڏنو، سندس لاڏڻي تي ساٿي فنڪارن ۽ ماحولياتي ماهرن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.