| برطانيا جي حڪومت جمعته الوداع جي جلوس تي پابندي لڳائي ڇڏي |
لنڊن (م ڊ) اسرائيل جي ايران سان ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ برطانيا جي حڪومت لنڊن ۾ ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جمعت الوداع جي ڏينھن تي ٿيندڙ القدس مارچ جي اجازت ڏيڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي انساني حقن جي گروپن فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. ان باري ۾ برطانيا جي گهرو وزير شبانا محمود سنگين عوامي انتشار کي روڪڻ جو جواز ڄاڻائيندي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان فيصلي سان سالياني القدس ڊي مارچ کي روڪيو ويو آھي جيڪو ڏهاڪن کان پرامن طور تي فلسطينين ۽ دنيا جي ٻين مظلومن سان يڪجهتي طور منعقد ڪيو ويندو آھي. 2012ع کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن مارچ تي پابندي لڳائي وئي آهي. اسلامي انساني حقن جي ڪميشن حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته گذريل مظاهرا پرامن رھيا ھئا فيصلي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. تنظيم برطانوي سياستدانن ۽ پوليس تي پڻ تنقيد ڪئي آهي ۽ انهن تي اسرائيل جي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ جو الزام ھنيو آھي.