| برطانيا جي صحت واري وزير استعيفا ڏئي ڇڏي، انگ 5 ٿي ويو |
لندن (م ڊ) برطانيا جي صحت واري وزير ويس اسٽريٽنگ استعيفا ڏئي ڇڏي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته هن حالتن ۾ حڪومت سان گڏ رهڻ سراسر بي ايماني ۽ بيعزتي هوندي، مون کي وزيراعظم اسٽارمر جي قيادت تي بلڪل اعتماد ناهي رهيو ، هن چيو ته اهو واضح ٿي چڪو آهي ته وزيراعظم ليبر پارٽي کي ايندڙ عام چونڊن تائين نه وٺي وڃي سگهندو، ڇو ته اسٽارمر جي ليڊر شپ کي چئلنج ڪندڙ وڏا گروپ ليڊ ڪري رهيا آهن، ان کان اڳ به برطانوي وزيراعظم جي ڪابينا جا 4 وزير استعيفا ڏئي چڪا آهن.