برطانيا جي مسجد ۾ پوڙهن لاءِ ورزش ڪلاس: وڊيو وائرل

برطانيا جي مسجد ۾ پوڙهن لاءِ ورزش ڪلاس: وڊيو وائرل

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا جي مسجد ۾ پوڙهن لاءِ ورزش ڪلاس رکيو ويو، ورزش واري  وڊيو وائرل ٿيڻ بعد دلچسپ تبصرا به شروع ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي شهر بريڊ فورڊ جي هيٽن روڊ تي قائم ٿيل مسجد عثمانيه ۾ بزرگ شهرين لاءِ ورزش جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي.  پروگرام تحت بزرگ شهرين لاءِ روزاني بنياد تي  هڪ ڪلاڪ ورزش جو ڪلاس هلايو وڃي ٿو ، ورزش واري ان ڪلاس ۾ 50 سال کان مٿي جا شهري حصو وٺي سگهن ٿا، ٻئي طرف مسجد ۾ پوڙهن کي مختلف ورزشون ڪرائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو کي هن وقت تائين  20 لک کان وڌيڪ صارفين ڏسي چڪا آهن جڏهن ته ان وڊيو تي دلچسپ تبصرا  پڻ ڪيا پيا وڃن. ان حوالي سان مسجد عثمانيه جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ان ڪلاس جو مقصد بزرڳ شهرين جي جسماني صحت سان گڏوگڏ سندن ذهني سڪون ۽ سماجي رابطن کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته مسجد جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي هو حيران آهن کين اها اميد نه هئي ته ان قدم کي ايتري موٽ ملندي.