برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر روئيندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر روئيندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ تي پريس بريفنگ دوران برطانوي وزيراعظم عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بار بار اهو چيو ويو ته اسان جي پارٽي ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ ختم ٿي وئي آهي، مان پارٽي جي خواهش تي پارٽي ليڊرشپ تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، اڄ صبح شاهه چارلس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، قيادت جي چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ تائين مان پنهنجي عهدي تي برقرار رهندس. ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ هو ته ايندڙ وزيراعظم سان مڪمل سهڪار ڪندس، اقتدار جي منظم ۽ هموار منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس. استعيفيٰ جو اعلان ڪندي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. واضح رهي ته ڪيئر اسٽارمر 2024 وارين عام چونڊن ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. برطانيه ۾ ليبر پارٽي 4 جولاءِ 2024 تي ٻيهر اقتدار ۾ آئي، ليبر پارٽي عام چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي ماڻي هئي ۽ 14 سالن کان جاري ڪنزرويٽو پارٽي جي اقتدار جو خاتمو ٿيو هو. هڪ ڏهاڪي دوران برطانيه جو هي ڇهون وزيراعظم آهي جنهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.