| برطانيا ۾ احتجاج ۾ تقرير ڪندڙ عورت سان ڪوبه واسطو ناهي: پي ٽي آءِ لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) برطانيا ۾ احتجاج ۾ شريڪ هڪ عورت جي تقرير تي پاڪستان تحريڪ انصاف رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان عورت جو پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڪو به تعلق ناهي ۽ پارٽي جي عهديدار به ناهي. ڄاڻايل عورت جي ٻولي ۽ ڳالهائڻ جو انداز پارٽي جي موقف يا سياسي سوچ جي نمائندگي نٿا ڪن. پاڪستان تحريڪ انصاف تشدد، اشتعال انگيزي، نفرت آميز ڳالهين ۽ غير مهذب ٻولي جي اصولي طور مخالفت ڪري ٿي. پاڪستان تحريڪ انصاف جمهوري، آئيني ۽ پرامن سياسي جدوجهد تي يقين رکي ٿي ۽ ڪنهن به فرد يا گروهه جي اهڙي عمل جي حمايت نٿي ڪري، جيڪو ان جي ابتڙ هجي.