| برطانيا ۾ ايران لاءِ جاسوسي الزام ۾ 4 ڄڻا گرفتار |
لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ ايران لاءِ جاسوسي ڪندڙ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. لنڊن پوليس بيان ۾ چيو ته انهن ماڻهن ۾ هڪ ايراني ۽ ٽي برطانوي-ايراني ٻٽي شهريت رکندڙ شامل آهن جيڪي شهر جي يهودي برادري سان ڳنڍيل ماڻهن ۽ هنڌن جي شڪي نگراني ڪري رهيا هئا. ميٽروپوليٽن پوليس چيو ته 22، 40، 52 ۽ 55 سالن جي عمر وارن ماڻهن کي گذريل رات دير سان اتر لنڊن ۽ ان جي آس پاس مان گرفتار ڪيو ويو.