برطانيا ۾ نشي ۾ ڌت عورت سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدار کي سزا

برطانيا ۾ نشي ۾ ڌت عورت سان لڄالٽ ڪندڙ جوابدار کي سزا

لنڊن (م ڊ) برطانيه ۾ ڊليوري ڊرائيور کي هڪ عورت سان زيادتي ڪرڻ جي الزام ۾ اٺ سالن کان وڌيڪ جيل جي سزا ٻڌائي وئي آهي. 27 سالن جي نوجوان کي ٻن ڏينهن بعد ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو جيڪو پاڪستان واپس وڃي رهيو هو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته متاثر عورت ورٿنگ اسپتال بيهڻ جي قابل نه هئي. 11 مارچ تي سليمان مڪيش هن کي پڪڙي ڪار جي بونٽ تي ويهاري جنسي زيادتي ڪئي. مکيش زيادتي جو ڏوهه قبول ڪري چڪو هو کيس ٽن سالن تائين نگراني ۾ رکڻو پوندو.