لنڊن ( نيوز ڊيسڪ) برطانيا جي هڪ عورت پنهنجي جسم کي ٽيٽوز سان ڀري ڇڏيو آهي، ويلز سان واسطو رکندڙ ٻن ٻارڙن جي امڙ ميلسيا ٽيٽوز جي شوقين آهي هن پنهنجي جسم تي ايترا ته ٽيٽوز لڳائي ڇڏيا آهن جو هاڻي هن جي بدن تي وڌيڪ ٽيٽوز لڳائڻ جي جاءِ ئي نه آهي، ٽيسٽوز لڳائڻ جي ڪري ميلسيا ڪيترن ئي تڪرارن جو به شڪار آهي، ميلسيا جو چوڻ آهي ته ٽيٽوز لڳائڻ منهنجو شوق آهي مان ايترايترا ٽيٽوز لڳائڻ گهران ٿي جنهن سان منهنجو نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ ۾ لکيو وڃي، ٽيٽوز جي شوقين عورت ٻڌايو ته هن عمل جي ڪري مون مٿان تنقيد به ٿيندي آهي تنهن باوجود مان پنهنجي منزل ڏانهن وک وڌائي رهي آهيان هڪ ڏينهن منزل ضرور ماڻينديس