| برطانيه ۽ فرانس جو آبنائي هرمز بابت عالمي اجلاس سڏائڻ جو فيصلو |
پئرس (م ڊ) فرانس اعلان ڪيو آهي ته هو برطانيه سان گڏجي آبنائي هرمز بابت هڪ عالمي اجلاس جي ميزباني ڪندو. فرانسيسي صدارتي محل ايليزي موجب اها ڪانفرنس جمعي جي ڏينهن وڊيو لنڪ ذريعي ٿيندي ۽ انهن ملڪن کي دعوت ڏني وئي آهي جيڪي آبنائي هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ هڪ مڪمل طور تي دفاعي مشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهن. اجلاس جو مقصد اهڙي منصوبي تي غور ڪرڻ آهي، جنهن ذريعي “جڏهن سيڪيورٽي حالتون اجازت ڏين، تڏهن آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمد و رفت کي آزادي سان بحال ڪيو وڃي. برطانوي وزيراعظم جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته هي اجلاس هڪ مربوط، خودمختيار ۽ گهڻ قومي منصوبا بندي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. فرانسيسي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هيل تائين درجنين ملڪ هن مشن جي فريم ورڪ جي تياري لاءِ ابتدائي مشاورت ۾ حصو وٺي چڪا آهن.