پئرس (پنهنجي ڊيسڪ) فرانس ۾ برقعي تي بندش سبب برقعو پائي اسڪول ويندڙ شاگردياڻيون ۽ ماسترياڻيون واپس موٽايو ويو
پرڏيهي ميڊيا موجب فرانسيسي حڪومت هڪ هفتو اڳ اعلان ڪيو هو ته اسڪولن ۾ برقعي پائڻ تي پابندي هڻي رهيا آهيون، ان کان اڳ شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي برقعو پائڻ جي اجازت هئي
نئين تعليمي سال جي شروعات سان ان پابندي تي به عمل شروع ٿي ويو، ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ خاص آفيسر به مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته وزيراعظم ايلزبيٿ بورڊ اسڪولن جو دورو پڻ ڪيو
ميڊيا سان ڳالهائيندي فرانسيسي وزيراعظم چيو ته اڄ سڀ ڪجهه ٺيڪ رهيو، ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو، اسان سڄو ڏينهن چوڪس رهياسين ۽ شاگردياڻين کي پابندي بابت سمجهايو
هن چيو ته ڪجهه اسڪولن ۾ ڇوڪريون برقعو پائي آيون، جن مان ڪجهه لاهڻ تي راضي ٿي ويون ۽ ٻين گهر واپس وڃڻ بهتر سمجهيو پر اسان انهن سان ڳالهائينداسين