تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

بريڪ ڊائون ٿيل زندگي ۽ اداس شامون….رضاعلي سنجراڻي

سي ويو تي لھندڙ سج اڄ ھن خاموش ڪراچي کي ڏسي ڇا سوچيندو ھوندو جيڪو سج ھميشه ڪراچي جي مصروف زندگي جو مشاھدو ڪري پوءِ ننڊ سمھي پوندو ھو ھاڻي ڪراچي جي ڪُن تي شام جو ڪنھن البيلي ناري جي چھري تي پنھنجا ڇڙواڳ پاڇا ڇڏيندڙ سج جنھن جا نيڻ سنڌ جي دل ڪراچي جي مصروف زندگي جي اوچتي بريڪ تي تعجب جي دنيا ۾ گم آھن ته اوچتو ھن وسندڙ ديس کي ڪنھن جي نظر لڳي وئي ۽ جنھن جي نيڻن مان ھاڻ ننڊ اڏامي چڪي آھي بس ھاڻي ھن سج جي اشرف المخلوقات جي لڳيل ھن اوچتي بريڪ تي ريسرچ جاري آھي ته آخر ڪار مخلوقات ۾ اول درجي تي پھتل ھن مخلوق کان ڪھڙي غلطي ٿي آھي!!
سي ويو تي لھندڙ سج ڪيڏو نه خوبصورت لڳندو آھي جيڪو ڪراچي جي ڪن ۾ ٽٻيون ھڻي پوءِ سڪون سان سمھي پوندو آهي، جيڪو خوابن ۾ ھميشه سنڌ جي حسين جسم کي ڏسڻ جو ئي منتظر ھوندو آھي جيئن جوڀن جي سيرن ۾ ترندڙ نوجوان جيڪي پنھنجي پريمين کي اکين ۾ ئي سمھاريندا آھن ۽ جنھن سج جي آخري ڪرڻن تي محبت جو اظهار ڪندڙ ماڻهو اڄ ڪٿي آھن؟ جيڪي ھن سمنڊ جي ڇولين جي موسيقي ۽ ڪراچي جي کينچلين ھوائن تي بھار جي شام کي چمين جي چراغن سان لھندڙ سج جي آخري ڪرڻن جي زيرو بلب جھڙي ڌندلي روشني سان ھن بھار جي شام کي روشن ڪري ڪنھن مست جام جي شڪل ڏيندا ھئا. اڄ سي ويو تي سج ويڳاڻو آھي، بھار جي شام ڪنھن اداس عمر جي آخري ڏاڪن ۾ گرفتار ناري جي نيڻن جيان پنھنجا وڇڙي ويل لمحا ڳولي رھي آھي ۽ ڪراچي جي اونچين عمارتن جي دري مان ڪا اپسرا ڪراچي جي رستن کي ڳاڙھو ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڊگھي پيرڊ کانپوءِ ھاڻي ھن وبا جي وڪڙ ۾ شھر جي اوچتي ويراني جو مشاھدو ڪري پنھنجي ڊائري تي ھن شھر جي سنساني تي ڪو تبصرو ضرور ڪري رھي ھوندي!!
تڏھن ته جون ايليا لکيو ھو ته:
ھي ڪھڙو نقصان ٿي ويو پنھنجو،
سارو شھر سنسان ٿي ويو پنھنجو!!
ھميشه ننڍي ھئڻ جي دعويٰ ڪندڙ يڪتاري جي تارن جيان ھميشه جھومي شاعري پڙھندڙ جون ايليا آخر ايترو اڳ شھرن جي سنساني کي ايتري آسان انداز سان ڪيئن بيان ڪري ويو اھو سوال ضرور ڪنھن ذھن ۾ مقناطيسي کينچل پيدا ڪري رھيو ھوندو! اھا ھوندي آ شاعر جي عڪاسي جيڪي انسان جي روزمرهه جي چرپر کي ڏسي ان جي مستقبل جي تصوير جي نمائش پنھنجي شاعري ۾ ڪري ويندا آھن پر جنھن الفاظن کي سمجھڻ لاءِ انسان کي اڃان پنھنجي ذھني صلاحيتن کي اڀارڻو پوندو. ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟ ڪڏھن ووھان جھڙي مصروف شھر ۾ ڪرسمس جا گيت اڌورا رھجي ٿا وڃن، ڪڏھن محبتن جو عالمي ڏھاڙو به ھن اشرف المخلوقات جي اداسي سبب محبت جي ليبل جو وزن کڻي چين جي ڌرتي تي پنھنجا لڙڪ لاڙي ٿو، ڪڏھن نيويارڪ جي شام وشال رستن تي انسانن کي تڙپندي ڏسي پنھنجي زندھ ھجڻ تي سراپا احتجاج بڻجي وڃي ٿي، ڪڏھن سنڌ جي ڌرتي تي رنگن جا ڏڻ ھاڻي مرڪن بدران سرخ خون سان لبريز لاشن جا تحفا کڻي ٿا اچن، ڪڏھن اسلام آباد جي پھاڙن ۾ پروين شاڪر جي شاعري ھن انسان جون عجيب حرڪتون ڏسي خودڪشي ڪري ٿي ڇڏي، ڪڏھن پئرس جي رئي جو پلؤ وبا جي ور ۾ اچي ٿو وڃي جنھن تي فرانس جي اکين مان سفيد پاڻي وھي ٿو، ڪڏھن ايران ۽ اٽلي جي رستن تي بھار گلن جا لاشا کڻي اچي ٿي ۽ ڪڏھن سائنسي تجربيگاھ ۾ انسان پاڻ کي ئي مارڻ جون اڻ کٽ ڪوششون ڪري ٿو.
اھا بھار جيڪا سڀني موسمن جي راڻي آھي جنھن جي آمد سان ڌرتي پنھنجي جسم کي نئين ويس سان ڍڪي ٿي پکي انھي موسمي ميلي تي پنھنجي جسم کي ائين آڪاس ۽ ڌرتي جي وچم ۾ لوڏيندا آھن جئين ڪا نوجوان ناري پنھنجي ڪڇ تي دلا رکي سنھڙي چيلھه کي وڏي ناز سان لوڏيندي آھي، اھا بھار جنھن جي آمد سان محبتن جي ورکا ٿيندي آھي انھي بھار جنھن جي آمد سان باغن ۾ فطرت جي سريلي سازن سان پکين جا رقص شروع ٿي ويندا آھن جئين قلندر جي نگري تي ڌمال جي ڌن ۾ ملنگ وجد ۾ اچي پنھنجن گھنگريالن زلفن کي لوڏيندا آھن!! ھا اڄ اھا ساڳئي بھار آھي اڄ اھو وقت جي چڪر اسانکي ان ساڳئي موسم ۾ کڻي آيو آھي جنھن ۾ گيت گونجندا آھن پر اڄ اھا موسم جيڪا ظاھري بھار ته آھي پر جنھن ۾ اھا حقيقي مقناطيسيت ناھي اڄ اھا بھار جيڪا ان عورت جيان اداسي جي لباس ۾ ويڙھيل آھي جيڪا رسمن جي رسي ۾ رتورت ٿي پنھنجي زندھه ھجڻ تي احتجاج ڪندي آھي!! اڄ بھار جي چھري تي مرڪون غائب ٿي چڪيون آھن جيئن ناانصافين جي وبا ۾ انصاف جو ملڻ ھڪ وڏو چلينج ھوندو آھي بلڪل ائين اڄ ھن ويران بڻيل دنيا ۾ مرڪن کي واپس موٽائڻ به ھڪ وڏو چلينج بڻيل آھي جنھن کي حل ڪندي دنيا اڄ ھن منفرد موسم ۾ به سمورين خوشين کي قتل ڪري ڇڏيو آھي پر تنھن باوجود به ھن بھار جون ڪنوار جي ڀرت ڀريل وڳي جھڙيون حسين شامون اداس آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *