برٽش ايئر جو پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن بند: اسلام آباد کان آخري اڏام رواني

جُولاءِ 9, 2023

اسلام آباد ( م ڊ ) برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ پاڪستان لاءِ فلائيٽ آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي

ميڊيا رپورٽن موجب، برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ پاڪستان لاءِ فلائيٽ آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي، ورجن اٽلانٽڪ جي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان آخري اُڏام VS379، B789 ڪالهه لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي لاءِ اُڏام ڀري

 ورجن اٽلانٽڪ ڊسمبر 2020ع ۾ اسلام آباد هوائي اڏي تي هفتيوار ست اُڏامن سان پنهنجي آپريشن جي شروعات ڪئي هئي، ورجن انٽلانٽڪ شروع ۾ چار مانچيسٽر لاءِ ۽ ٽي لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي لاءِ فلائيٽس هلايون

 بعد ۾ ايئر لائين رڳو لنڊن هيٿرو لاءِ ٽي هفتيوار اُڏامون هلائڻ شروع ڪيون. ياد رهي ته برطانوي ايئر لائين ڪمپني سال 2020ع ۾ ڪورونا دوران پاڪستان لاءِ پنهنجو فلائيٽ آپريشن شروع ڪيو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ