Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_m911qb8dmge9r10bg704u38d10, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
برٽش ڪائونسل طرفان ملندڙ اسڪالرشپس ... ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو (حصو ٻيو ۽ آخري) - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar برٽش ڪائونسل طرفان ملندڙ اسڪالرشپس ... ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو (حصو ٻيو ۽ آخري) - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

برٽش ڪائونسل طرفان ملندڙ اسڪالرشپس … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو (حصو ٻيو ۽ آخري)

20سيپٽمبر 2020ع جي پنهنجي اخبار مئگزين ۾ برٽش ڪائونسل طرفان ملندڙ اسڪالرشپس بابت پهرين حصي ۾ ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ بابت تفصيل ڏني ويئي هئي، جڏهن ته هن مضمون ۾ برٽش ڪائونس طرفان ملندڙ چيوننگ اسڪالرشپ، اَي ايس هارنبي اسڪالرشپ، اسڪاٽلينڊس اسڪاٽش اسڪالرشپ، چارلس والس پاڪستان ٽرسٽ اسڪالرشپس جي باري ۾ ضروري معلومات ڏجي ٿي.
چيوننگ اسڪالرشپ تعارف
چيونگ انگليڊ حڪومت جو گلوبل اسڪالرشپ پراجيڪٽ جو حصو آهي، جنهن تحت دنيا جي بهتري اڳواڻي رکندڙ ذهين شاگردن کي اسڪالرشپ آفر ڪئي وڃي ٿي، هي اسڪالرشپ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي، جنهن تحت انگلينڊ جي ڪنهن به يونيورسٽي مان هڪ سال جي ماسٽرس ڪرائي وڃي ٿي.
اسڪالرشپ تحت ملندڙ فنڊنگ
هن اسڪالرشپ تحٽ ٽيوشن فيس، ماهوار خرچ، جهاز جي ٽڪيٽ (وڃڻ ۽ واپسي لاءِ ٻئي)، اچڻ شرط مددي خرچ، ويزا جو خرچ، ويندي بعد ۾ ڪنهن چيوننگ اليومناءِ جو ڪو پروگرام هجي ته به ان جو سفري خرچ ڏنو وڃي ٿو.
ڪورس سليشڪن جو مرحلو ۽ طريقيڪار
هن اسڪالرشپ لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽن ڪورسس ۾ درخواست ڏيئي سگھجي ٿي، پوءِ ٽئي ڪورس هڪ ئي يونيورسٽي ۾ هجن يا الڳ الڳ يونيورسٽين ۾ به درخواست ڏئي سگھجي ٿي.چيونگ اسڪالرشپس تحت آفر ٿيندڙ ڪورسس بابت تفصيل هن لنڪ تي ڏسي سگھجي ٿو.
https://www.chevening.org/scholarships/guidance/courses/.
اسڪالرشپ ملڻ جو شرط
اسڪالرشپ ملڻ جو شرط آهي ته انگلينڊ جي گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن به يونيورسٽي يا انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ضرور ٿي وڃي. ۽ داخلا ملي وڃڻ جو ليٽر انٽرويو جي مرحلي کان پهرين آن لائين سسٽم ۾ اپلوڊ ڪرڻ گھرجي. جنهن لاءِ داخلا حاصل ڪرڻ جي تاريخ وڌ ۾ وڌ 15 جولاءِ 20121ع آهي.
اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جو طريقيڪار
هن اسڪالرشپ لاءِ آن لائين درخواست جو مرحلو 3 سيپٽمبر 2020 کان شروع آهي، جنهن ۾ درخواست ڏين جي آخري تاريخ 3 نومبر 2020 آهي، درخواست ڏيڻ لاءِ هي لنڪ آهي، www.chevening.org/apply. نومبر ۽ ڊسمبر جي مهيني ۾ جمع ٿيندڙ درخواستن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ٿي، فيبروري 2021 ۾ اليجبل اميدوارن جا نالا طع ڪري سندن ملڪ ۾ موجود برٽش ڪائونسلخاني موڪليا ويندا جتي اميدوارن کان سفارتخانو انٽرويو وٺڻ جو مجاز آهي، اهم ڳالهه ته انٽرويو جي مرحلي کان پهرين فيبروري جي مهيني ۾ ئي شارٽ لسٽ ٿيل اميدوار کي ڪي به ٻه ريفرنس ۽ سندس تعليمي ڪاغذ اپلوڊ ڪرڻا هوندا آهن. انٽرويو جو مرحلو پهرين ماچ کان 30 اپريل تائين هلي سگھي ٿو. جڏهن ته جون 2021ع ۾ نتجيا پڏرا ڪيا ويندا آهن. نتجي اچڻ کان پوءِ ڪنهن به انگلينڊ جي يونيورسٽي ۾ داخلا هجڻ لازمي آهي، جنهن لاءِ داخلا ملي وڃڻ جو خط 15 جولاءِ 20121 تائين جمع ڪرائي سگھجي ٿو. سيپٽمبر يا آڪٽوبر 2021ع ۾ توهان کي انگلينڊ پهچڻ گھرجي.
اسڪالرشپ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ گھرجون
*تعليمي سرٽيفڪيٽ
*2ريفرنس ليٽر (پروفيشنل يا ايجوڪيشنل واسطي وارا ماڻهو هجن)
*انٽرويو (جيڪو درخواست ڏيندڙ اميدوار جي ملڪ ۾ موجود سفارتخاني ۾ ٿيندو)
*انگلينڊ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ
*ڪورس جي شروع ٿيڻ جو وقت سيپٽمبر يا آڪٽوبر يعني آٽم سيمسٽر هجڻ گھرجي.
*پروگرام ۾ پڙهايا ويندڙ ڪورس شامل هجن نه ڪي ريسرچ ورڪ شامل هجي.
*ڪورس ماسٽرس ڊگري لاءِ هجي
*ريگيلولر قل وقتي پڙهائي هجي.
A.S Hornby Education Trust اسڪالرشپ
هي اسڪالرشپ آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري تيار ڪندڙ اَي ايس هارنبي جي نالي تي 1961ع کان ڏني وڃي ٿي. شروع ۾ آڪسفور پريس طرفان ڇپجندڙ هن مشهور ڊڪشنري تي ملندڙ رائلٽي جي پيسن مان هي اسڪالرشپ شروع ڪئي ويئي پر هيئنر ڪيترن ئي معاون تنظيمن توڙي برطانيه جي حڪومت طرفان فنڊس شامل آهن. هي اسڪالرشپ هن وقت برطانيه طرفان گلوبل اسڪالرشپ پروگرام جو حصو آهي، جيڪا انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي، اصل مقصد انگريزي ٻولي جي واڌويجهه ڪرڻ آهي، جنهن تحت انگريزي ٻولي ۾ ٽيچنگ ۽ لرننگ کي بهتر بڻائڻ آهي. هن پروگرام تحت انگريزي ٻولي جي حوالي سان شارٽ ڪورسس کان ويندي ماسٽرس ڊگري به ڪرائي وڃي ٿي، هي اسڪالرشپ انگريزي ٻولي جي شاگردن ۽ استادن کان علاوه انگريزي سکڻ لاءِ موضون اميدوارن لاءِ به آهي.هن اسڪالرشپ بابت تفصيل هن لنڪ تي https://www.hornby-trust.org.uk .
هن پروگرام تحت ڪيترائي اهڙا پراجيڪٽ آهن جن تحت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انگريزي ٻولي جي استادن کي مختلف پراجيڪٽ ڏنا وڃن ٿا، ۽ ٽريننگس به ڪرايون وڃن ٿيون. اهڙي طرح هي اسڪالرشپ پروگرام نه صرف انگلينڊ ۾ پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به انگريزي ٻولي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي موقعا فراهم ڪري ٿو.
اسڪاٽلينڊس اسڪاٽش اسڪالرشپ
هي اسڪالرشپ اسڪاٽلينڊ جيحڪومتطرفان اسڪاٽلينڊ جي مختلف يونيورسٽين جي مدد سان سائنس ٽيڪنالاجي توڙي هيلٿ ڪيئر ۽ ميڊيڪل سائنس، توڙي رينيوئيبل ۽ڪلين انرجي، ڪريئيٽو انڊسٽري ۽ جي حوالي سان تحقيق ۽ تدريس جي شعبن ۾ لاءِ ڏني وڃي ٿي. هي اسڪالرشپ هڪ سال جي ماسٽرس ڊگري ڪرڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي، هن اسڪالرشپس جو ساليانو تعداد 50 آهي، ۽ پڙهائي ۽ خرچ لاءِ ملندڙ رقم 8 هزار يورو آهي، وڌيڪ تفصيل هن لنڪ https://www.scotland.org/study/saltire-scholarships تي موجود آهن. هن اسڪالرشپ لاءِ پاڪستان سميت ڪيناڊا، چائنا، انڊيا، جپان ۽ آمريڪا جا شاگرد اهل آهن. هي اسڪالرشپ جي صرف اسڪاٽلينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا ملڻ جي صورت ۾ ڏني وڃي ٿي، تنهنڪري اهڙا شاگرد جن جي داخلا يونائٽڊ ڪنگڊم جي ٻين رياستن جيئن انگلينڊ، ويلز يا نارٿ آئرلينڊ ۾ ٿئي ٿي ته اهي هن اسڪالرشپ لاءِ اهل نه آهن.
چارلس والس پاڪستان ٽرسٽ اسڪالرشپس
هن ٽرسٽ جو بنياد 1981ع ۾ برٽش ڪائونسل طرفان پيو، پر هن وقت هي ٽرسٽ برٽس ڪائونسل جي سهڪار سان آزاد بورڊ آف گورننس تحت هلي رهيو آهي، جنهن ۾ انگلينڊ توڙي پاڪستان جا ماڻهو شامل آهن. هن ٽرسٽ طرفان پي ايڇ ڊي توڙي فيلوشپس ڏنيون وڃن ٿيون. اهم ڳالهه ته هي ٽرسٽ انگلينڊ جي ثقافتي توڙي بين الاقوامي تعاون جي لاءِ ٿيندڙ مخلتف پروگرامن ۾ پاڪستاني آرٽسٽن کي به انگلينڊ موڪلي کين پذيرائي ڏياري ٿو. وڌيڪ درخواست ڏيڻ جو طريقيڪار ۽ شرط هن لنڪ http://www.wallace-trusts.org.uk/ تي پڙهي سگھجن ٿا. هن اسڪالرشپ تحت ويندڙ آرٽسٽن کي The Prince’s School of Traditional Arts ۾ وڌيڪ سکڻ لاءِ موقعو ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته فيلوشپس تحت ويندڙ 30 کان 50 پروفيشنلس کي 1450 يورو ماهوار ڏنا وڃن ٿا. البته پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ ۾ پارشل فنڊنگ ڪئي وڃي ٿي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *