| برک شاعر بيدل مسرور جي زال بينا مسرور لاڏاڻو ڪري وئي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري شاعر بيدل مسرور جي گھر واري ۽ اداڪاره بينا مسرور 67 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، بينا مسرور جو اصل نالو مهه جبين آهي، پر گهر ۾ ننڍي هوندي کان ئي کيس ’بينا‘ سڏيو ويندو هو ، اهو نالو ئي ادبي ۽ شوبز جي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو. ور جو نالو بيدل مسرور ھجڻ ڪري هوءَ بينا مسرور جي نالي سان مشھور ٿي، پاڻ 29 جنوريءَ 1958ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس والد جو نالو صلاح الدين احمد بلوچ آهي، جيڪو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل جي عهدي تان رٽائر ٿيو بينا جي تعليم انٽر تائين هئي. کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي. سندس ڀيڻ سحر امداد به سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعره آهي.بينا شاعريءَ جي شروعات 1977ع ڌاري ڪئي. گهڻو ڪري سندس نظم، آزاد نظم، نثري نظم ۽ ٽيڙو سنڌي زبان جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا..بينا شوبز جي دنيا جو آغاز 1976ع کان ڪيو. هن جو پهريون ڊرامو شمشيرالحيدريءَ جو لکيل، ستن قسطن جو سيريل ”منزل“ هو، جنهن ۾ هن ليکڪا جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سندس ڪامياب ڊرامن جي هڪ طويل فهرست آهي، مرحومه جو تڏو سچل ڳوٺ م وڇايو ويو آهي