برک صحافي زلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو: ٻلهڙيجي ۾سپردخاڪ
جنوري 29, 2024
ڪراچي/باڊهه(نمائندن وٽان)سنڌ جو برک صحافي زلف پيرزادو 64 ورھين جي ڄمار ۾ ڪالهه ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ان ڏس ۾ زلف پيرزادي جي نياڻي ورثا پيرزادو ٻڌايو ته صبح جو سوير بابا جي طبيعت خراب ٿي، کيس الٽيون آيون، اسان کيس جناح اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته بابا دم ڌڻي حوالي ڪري چڪو آهي، هوڏانهن زلف پيرزادي جو مڙھه ڪراچي کان سندس اباڻي ڳوٺ ٻلھڙيجي نيو ويو، جتي سوين آلين اکين جي موجودگي ۾ کيس سخي شاھ جمال جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن،صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. زلف پيرزادو پونئرن ۾ هڪ پٽ عبدالرحيم پيرزادو، 4 ڌيئرون ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏيا آهن. زلف پيززادي جو تڏو ٻلهڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي
زلف پيرزادو 4 ڏهاڪا صحافت کي ڏنا* شاگردي دور ۾ ڊي ايس ايف ڪارڪن رھيو* شهيد نظير عباسي سان گڏ 2 ڀيرا جيل ياترا ڪئي* وائيسز گروپ سان رهيو
باڊهه : برک صحافي زلف پيرزادو 10 نومبر 1960ع تي ٻلهڙيجي ۾ عبدالرحيم پيرزادو جي گهر ۾ جنم ورتو، هن زندگي ۾ ڪيترائي لاھا چاڙھا ڏٺا، هن 4 ڏھاڪن جو ڊگهو عرصو سنڌي صحافت کي ڏنو، شاگردي جي دور ۾ ڊي ايس ايف جو سرگرم ڪارڪن رھيو، هو شهيد نظير عباسي جو ويجهو ساٿي رهيو، عوامي حقن لاءِ جدوجھد جي ڏوھه ۾ هن 2 ڀيرا جيل جون سختيون به ڀوڳيون ـ زلف پيرزادو ڪراچي پريس ڪلب ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو ميمبر ۽ عوامي آواز اخبار جو ڊپٽي ايڊيٽر پڻ ھو، زلف پيرزادو موسيقي ۽ شاھه لطيف جي بيتن جو ڄاڻو هو، زلف وائيسز گروپ ۾ نامياري راڳي بيدل مسرور سان سر سنگيت ۾ شامل رهيو.