نئين دهلي (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته برڪس ملڪن جي وچ ۾ واپار لاءِ قومي ڪرنسي استعمال ڪرڻ گهرجي. مسعود برڪس سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هندستان جي گادي واري هنڌ نئين دهلي پهتو. برڪس بزنس فورم جي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ايراني صدر چيو ته ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار ۾ قومي ڪرنسي جي استعمال کي وڌائڻ سڀ کان اهم آهي. ان سان گڏ باهمي ادائيگين لاءِ ضروري مالي نظام قائم ڪرڻ پڻ ضروري آهي. ايراني صدر چيو ته موجوده عالمي مالي نظام محدود تعداد ۾ ڪرنسي تي ڀاڙي ٿو ۽ ان ڪري سياسي دٻاءُ جو شڪار آهي. هن چيو ته برڪس ملڪن جي وچ ۾ واپاري تعاون کي حقيقي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ، نيو ڊولپمينٽ بينڪ کي ميمبر ملڪن ۾ بنيادي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي منصوبن جي مالي مدد جو مکيه محرڪ بڻجڻ گهرجي.