بزدل ۽ ڊڄڻو مودي دنيا کان لڪي پيو، آزاد ڪشمير حڪومت بند ڪمرن ۾ نه هلندي: بلاول

بزدل ۽ ڊڄڻو مودي دنيا کان لڪي پيو، آزاد ڪشمير حڪومت بند ڪمرن ۾ نه هلندي: بلاول

مظفر آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت سان جنگ کانپوءِ پاڪستان جو اسٽينڊرڊ سڀني جي سامهون آهي ۽ بزدل ۽ ڊڄڻو مودي دنيا کان منهن لڪائي رهيو آهي. ڀارت  جنگ هارائي، ڪشمير خلاف به  سازش  ناڪام ٿي وئي، آزاد ڪشمير جي حڪومت بند ڪمرن ۾ ويهي نه هلائينداسين، مظفر آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن توهان جو نمائندو توهان جي نمائندگي نه ڪري ته عوام کي پاڻ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، ڪشمير جو عوام جڏهن سراپا احتجاج هو ته فيصل راٺوڙ ان کي به ڏسي رهيو هو. هن چيو ته هاڻ مظفر آباد ۾ توهان جو نمائندو فيصل راٺوڙ آهي، فيصل راٺوڙ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا اهي مون وٽ توهان جي امانت آهن، اسان بند ڪمرن ۾ ويهي آزاد ڪشمير جي حڪومت نه هلائينداسين.
سندس چوڻ هو ته پ پ جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي عمران خان کي اقتدار ڏنو ويو هو، مان پاڻ چونڊن ۾ توهان وٽ آيو هيس، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مايوس نه ڪيو، جيترو سياسي شعور ڪشمير ۾ آهي ايترو ڪٿي ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت پاڪستان ۽ ڪشمير جي ڀائيچاري کي نقصان پهچائيندو آهي، مودي سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان جنگ به هارائي ۽ هاڻ سازش به ناڪام ٿيندي، شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل بعد سمجهيو ويو ته پيپلزپارٽي ختم ٿي ويندي، اڄ راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جي حلف بعد چئي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۾ سياست بحال ڪري ڇڏي، سازش تحت آزاد ڪشمير ۾ پ پ جي مئنڊيٽ تي 2 ڀيرا ڌاڙو هنيو ويو، اسان لاءِ هيءَ ڇهه مهينن جي حڪومت وڏو امتحان آهي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي عوامي مسئلن جي حل لاءِ راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي جنهن شي جي ضرورت هوندي.