| بسنتي محبوب ماڻڻ لاءِ بجلي جي هاءِ وولٽيج ٽاور تي چڙهي وئي |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) فلم شعلي جو هڪ يادگار منظر اڌ صدي بعد حقيقت بڻجي سامهون اچي ويو، بسنتي محبوب ماڻڻ لاءِ بجلي جي هاءِ وولٽيج ٽاور تي چڙهي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بالي ووڊ جي تاريخي فلم شعلي جو هڪ يادگار منظر ڀارتي شهر ميرٺ ۾ ان وقت حقيقت بڻجي ويو جڏهن ڀارت بسنتي نالي نينگري پنهنجي محبوب سان شادي ڪرائڻ لاءِ بجلي جي ٽاور تي چڙهي وئي. اطلاع تي پوليس پهچي وئي ۽ ريسڪيو جي عملي کي به گهرايو ويو پر بسنتي جو مطالبو هو ته جيڪڏهن سندس ويرو سان شادي نه ڪرائي وئي ته هو تارن ۾ هٿ وجهي خودڪشي ڪري ڇڏيندي. پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم جي وڏي جدجهد ۽ منٿن باوجود نينگري هيٺ نه لٿي جنهن بعد پوليس حڪمت عملي تبديل ڪئي ۽ وارثن ويرو کي گهرائي ورتو جنهن بعد ريسڪيو عملي نيگري کي هيٺ لاٿو. پوليس ٻنهي خاندانن کي ٿاڻي طلب ڪري ورتو ، جٿي کين شادي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي. واضح رهي ته فلم شعلي ۾ ويرو بسنتي سان شادي لاءِ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ويو هو پر ميرٺ ۾ اهو ڪم بسنتي ڪري ڏيکاريو.