| بشريٰ انصاري پنهنجي نقل واري وڊيو ٺاهڻ تي ناراض |
ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي سينئر اداڪارہ بشريٰ انصاري پنهنجي نقل واري وڊيو ٺاهڻ تي ناراض ٿي وئي آهي. تازو ئي بشريٰ انصاريءَ جي نقل لاهڻ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. ان حوالي سان هڪ نجي ٽي وي چينل جي ميزبان پاران بشريٰ انصاريءَ کان سوال ڪيو ويو ته: “توهان جي نقل ٺاهي وئي جنهن تي توهان اعتراض ڪيو، جڏهن ته ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي، ماضيءَ ۾ توهان پاڻ به ٻين جون نقل ڪنديون هيون؟” ان جي جواب ۾ بشريٰ انصاري چيو ته: “مان پنهنجي تعريف نه ڪنديس، مون 4 حسين عورتن طاهره سيد، نورجهان، مسرت نذير ۽ سلميٰ آغا جي گانا ڳائڻ جي انداز ۾ نقل ڪئي هئي، جنهن جي شاعريءَ ۾ ڪا به بدتميزي نه هئي.” هن چيو ته اهي گانا انور صاحب لکيا هئا ۽ مسرت نذير جو پنجابي گانو مون پاڻ لکيو هو، پر ان ۾ اهڙي ڪا به گهٽيا ڳالهه نه هئي جو انهن جي شخصيت بابت ڪو بڇڙو لفظ هجي يا انهن جي ذاتيات تي حملو ڪيو وڃي. اداڪارہ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي ائين ته ناهي ته هڪ ٽرانس جينڊر ماڻهو عورتن جي نقل ڪري ۽ اها به بري نقل لاهي، اها بلڪل به سٺي پرفارمنس نه هئي. هن ياد ڏياريو ته ان کان اڳ اداڪارہ وينا ملڪ منهنجي نقل لاٿي هئي جنهن کي مون ساراهيو هو. بشريٰ انصاري ٻڌايو ته: “مونکي تمام گهڻو زور ڀريو ويو هو ته مان ناهيد اختر صاحبہ جي نقل لاهيان، پر مونکي نه پيو لڳي ته مان سندن نقل لاهي سگهنديس، جنهن لاءِ مون جواب ڏئي ڇڏيو هو. پوءِ مون هڪ شرط رکي هئي ته مان ڪوشش ڪري ڏسنديس جيڪڏهن ويجهڙائيءَ واري نقل لاهي سگهيس ته ٺيڪ آهي ورنه نه، پوءِ مون ناهيد اختر جي نقل نه لاٿي هئي.”