| بشريٰ اک جي سرجري بعد واپس جيل منتقل: آزادي لاءِ ڪوششون |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي اک جي سرجري بعد اسپتال کان واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو، جيل سپرنٽينڊنٽ موجب، بشريٰ بي بي ساڄي اک جي ديد متاثر ٿيڻ جي شڪايت ڪئي هئي، ماهر ڊاڪٽرز کان معائنو ڪرايو ويو، ڊاڪٽرز فوري سرجري جو مشورو ڏنو، بشريٰ بي بي کي گذريل ڏينهن شام جو راولپنڊي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پروفيسر ڊاڪٽر نديم قريشي ۽ ماهر پينل سرجري جا فرض سرانجام ڏنا، بئرسٽر گوهر چيو آهي ته گذريل رات پيغام ڏنو ويو هو ته بشريٰ بي بي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ تفصيلن جو انتظار آهي، اڊيالا جيل ذريعن موجب، بشريٰ بي بي سان سندس پٽن ۽ ڀيڻ جي ملاقات ڪرائي وئي، هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات جاري رهي، ملاقات بعد بشريٰ بي بي جي فيملي واپس رواني ٿي وئي. ذريعن موجب بئرسٽر گوهر پاران بشريٰ جي آزادي لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، باني پي ٽي آءِ جي فيملي کي ڳالهين ۽ لچڪ جو مظاهرو ڪرڻ تي قائل ڪري ورتو آهي، بئرسٽر گوهر گذريل ڏينهن ڪوٽ لکپت جيل ۾ پهريان پي ٽي آءِ اسير اڳواڻن ۽ بعد ۾ عمران جي ڀيڻ نورين سان ملاقات ڪئي، بشريٰ بابت سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪرڻ کان روڪيو ويو، ذريعن موجب ايندڙ هفتي بئرسٽر گوهر، محمود اچڪزئي، علامه ناصر عباس سان گڏجي عمران جي فيملي سان ملاقات ڪندو ۽ ٻيهر اعتماد ۾ وٺندو، ذريعن موجب دعويٰ ڪئي وئي ته بشريٰ جي آزادي قانوني طريقي سان ٿيندي، اسير اڳواڻن جي اپيلن تي جلد ٻڌڻي ٿيندي.