بشريٰ بي بي جو اڊيالا جيل منتقلي لاءِ عدالت سان رابطو

فيبروري 6, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي اڊيالا جيل منتقلي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

 عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي اڊيالا جيل منتقلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن انڪري ڪنهن به عام قيديءَ جيان سزا جيل ۾ ڪاٽڻ چاهيان ٿي

هن چيو ته ٻيا سياسي ڪارڪن جيلن ۾ عام قيدين سان گڏ آهن، بني گالا سب جيل ۾ منتقلي برابري وارن حقن جي ڀڃڪڙي آهي

بشريٰ بي بي پنهنجي درخواست ۾ وڌيڪ چيو آهي ته 31 جنوري جي صبح 10 وڳي کان رات 9 وڳي تائين اڊيالا جيل ۾ انتظار ڪرائڻ کانپوءِ سب جيل منتقل ڪيو ويو، پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته بني گالا رهائش کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي

 بشريٰ بي بي پنهنجي درخواست ۾ چيف ڪمشنر آفيس اسلام آباد جي 31 جنوري واري نوٽيفڪيشن ۽ بني گالا کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو انتظاميا جي نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي

Leave A Comment