بشريٰ بي بي جي اڪيلائي واري قيد خلاف درخواست داخل

بشريٰ بي بي جي اڪيلائي واري قيد خلاف درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني عمران خان کان پوءِ بشريٰ بي بي جي اڪيلائي واري قيد جو معاملو به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. مبشره مانيڪا طرفان بشريٰ بي بي جي اڪيلائي واري معاملي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اڪيلائي واري قيد کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي سان خاندان جون ملاقاتون بند ڪيون ويون آهن، عدالتي حڪم باوجود انکي اڪيلائي واري قيد ۾ رکڻ غير قانوني آهي. درخواست موجب ڪنهن به عدالت بشريٰ بي بي کي اڪيلائي واري قيد جي سزا ناهي ٻڌائي، پاڪستان جي قانون ۽ جيل رولز تحت اهڙي قيد غيرقانوني ۽ اختيارن کان تجاوز آهي. جيل رولز مطابق ڪنهن به قيدي کي هڪ وقت ۾ 14 ڏينهن کان وڌيڪ قيدِ تنهائي ۾ نٿو رکي سگهجي،